رپورٽ: ڪنڌڪوٽ: ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ صحت کاتي بابت کليل ڪچهري ڪرائي وئي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪنڌڪوٽ: ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ صحت کاتي بابت کليل ڪچهري ڪرائي وئي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڪنڌڪوٽ: ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ صحت کاتي بابت کليل ڪچهري ڪرائي وئي

 

ڪنڌڪوٽ ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ جي هدايتن تي ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ  جي سرڪاري اسپتالن جي بهتري لاءِ ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي جي صدارت هيٺ کلي ڪچهري ڪرائي وئي

کليل ڪچهري ۾ تعلقه اسپتال ڪنڌڪوٽ جي ايم ايس، تعلقه هيلٿ آفيسر ، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر، صدر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن،  ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

ڪنڌڪوٽ ۾ کلي ڪچهري لاءِ ڪنهن به شهري کي اڳواٽ آگاه نه ڪيو ويو جڏهن ته ڊي سي منور علي مٺياڻي جي کلي ڪچهري ۾ صرف ڊي سي آفيس جو اسٽاف ڪرسين تي ويٺل نظر آيو

ان موقعي تي صحافين شهر جي مسئلن ۽ اسپتالن جي حالت تي ڊي سي کي شڪايت ڪئي،

ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي چيو ته ضلعي اندر اسپتالن ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپورڪوشش ڪري رهيو آهيان

هن  ڊاڪٽرن کي هدايت ڪندي چيو ته صحت جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اسپتال عملو پنهنجي ذميواري سمجهي فرض نڀائي جيڪڏهن ڪنهن جي به خلاف ٻيهر ڪا شڪايت ملي ته سندن خلاف سخت قدم کنيا ويندا………………….

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.