رپورٽ: ڪڍڻ : اڪرم واهه جي آبادگارن  جي پاڻي کوٽ خلاف بک ھڙتال جاري

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪڍڻ : اڪرم واهه جي آبادگارن جي پاڻي کوٽ خلاف بک ھڙتال جاري
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڪڍڻ : اڪرم واهه جي آبادگارن جي پاڻي کوٽ خلاف بک ھڙتال جاري

 

ڪڍڻ  ۾ اڪرم واهه جي آبادگارن پاران  پاڻي کوٽ خلاف اڄ ٻارهين ڏينهن به بک ھڙتال جاري رکي وئي.

اڪرم واهه کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ ۽  غيرقانوني لفٽ مشينن خلاف اڄ ٻارهين ڏينهن به آبادگارن  مير عزيز ٽالپر،  محمد حنيف مهراڻپوٽو،  محمد خان لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال جاري رکي.

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  پاڻي بند ڪري سندن معاشي قتل ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته پاني جي کوٽ سبب هڪ سئو ايڪڙ جا زميندار به ڪاٺـيون وڍي پيٽ گذر ڪرڻ تي مجبور آهن.

آبادگارن چتاءُ ڏنو ته  جيستائين وارا بندي ختم ڪري پڇڙيءَ تائين پاڻي نه پهچايو ويندو تيستائين سندن بک هڙتال جاري رهندي…………………

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.