رپورٽ: ڪڍڻ: ايل بي او ڊي سم نالي جي موري ڪيئن بڻي مسافرن لاءِ عذاب؟؟

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪڍڻ: ايل بي او ڊي سم نالي جي موري ڪيئن بڻي مسافرن لاءِ عذاب؟؟
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڪڍڻ: ايل بي او ڊي سم نالي جي موري ڪيئن بڻي مسافرن لاءِ عذاب؟؟

 

 

ڪڍڻ ڀرسان ايل بي او ڊي سم نالي جي 85 آرڊي سنگاري موري ڊھي پئي، جنهن سبب ٿر پارڪر جي تعلقي ڏيپلو ۽ بدين جي عوام جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.

مقامي ڳوٺاڻن غلام مصطفا لنڊ غلام شبير بروهي شھزاد لهڙي ۽ ٻين ڳوٺاڻن عوامي آواز کي ٻڌايو ته 2003 ۽ 2011 جي ٻوڏن ۽ زلزلي سبب موري ڊيميج ٿي ويئي هئي، جنهن جي مرمت لاءِ عملدارن کي  شڪايتون ڪيون پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو.

سندن چوڻ هو ته گذريل ڏينهن موري ويهي رهي آهي، جنهن سبب هاڻي سوين ڳوٺن جي هزارين ماڻهن جو رابطو ڪٽجي ويو آهي

ٻي طرف پل ڊهڻ واري واقعي جو ڊپٽي ڪشمنر نوٽيس وٺي اختيارين کان رپورٽ طلب ڪندي فوري طور زميني رابطو بحال ڪرڻ جو ڏنو آهي

 

 

 

You might also like