وفاقي شرعي عدالت جي نئين چيف جسٽس حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) محمد نور مسڪان زئي وفاقي شرعي عدالت جي نئين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو.

نئين چيف جسٽس جي حلف برداري جي تقريب ٿي جنهن ۾ فيڊرل شريعت ڪورٽ جي وڪيلن ۽ ججن شرڪت ڪئي.

وقتي طور چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد محمد نور مسڪان زئي کان چيف جسٽس فيڊرل شريعت ڪورٽ طور حلف ورتو.

 واضح رهي ته وفاقي شرعي عدالت پاڪستان ۾ اسلامي ۽ شرعي حڪمن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندي آهي، ان عدالت ۾ ملڪ مان سعودي نظام جي خاتمي سميت ٻين اهم ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن.

شرعي حوالي سان اسيمبلي کان منظور ڪيل ڪو بل هجي يا وري ڪنهن به اداري طرفان ڪو غلط قدم شرعي عدالت ۾ ان خلاف پٽيشن خاخل ڪئي ويندي آهي.

You might also like