جج ارشد ملڪ جو ويڊيو ليڪ اسڪينڊل سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جو مبينا ويڊيو ليڪ اسڪينڊل سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ 16 جولاءِ تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ کي هٽائڻ لاءِ قانون واري وزارت کي لکيل خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ويڊيو رليز جي معاملي کانپوءِ جج ارشد ملڪ کي فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي ۽ سندس ذميواريون واپس لاءِ هاءِ ڪورٽ حوالي ڪيون وڃن.

جج ارشد ملڪ کي هٽائڻ جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪيو ۽ خط رجسٽرار اسلام آباد طرفان قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سيڪريٽري کي لکيو ويو.

ارشد ملڪ جون تازيون جاري ويڊيوز، احتساب عدالت جي رجسٽرار جي پريس رليز ۽ جج جو حلفي بيان خط سان لاڳاپيل آهي.

قانون واري وزارت به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان لکيل خط تي تڪڙو ايڪشن وٺندي جج محمد ارشد کي مبينا ويڊيو ۽ پريس رليز جي بنياد تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ارشد ملڪ جون خدمتون سندس پنهنجي کاتي لاهور هاءِ ڪورٽ کي واپس ڪيون وينديون.

You might also like