پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الدعوه جو سربراهه حافظ سعيد گرفتار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الدعوه جي سربراهه حافط سعيد کي 7 ڏينهن جوڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سي ٽي ڊي حافظ سعيد کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو جتي سندس 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي جنهن کي رد ڪندي عدالت حافظ سعيد کي 7 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ان ڪيس جي جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

سي ٽي ڊي پنجاب پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد کي اڄ صبح لاهور کان گوجرانوالا ويندي گرفتار ڪيو هو جنهن کانپوءِ کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو هو . حافظ سعيد لاهور ۾ داخل ٻن ڪيسن ۾ 3 آگسٽ تائين ضمانت تي آزاد هو ۽ گوجرانوالا ۾ داخل ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ وڃي رهيو هو ته سي ٽي ڊي کيس رستي ۾ گرفتار ڪري ورتو.

سي ٽي ڊي ذريعن موجب حافظ سعيد کي پنجاب جي گهرو وزارت جي اجازت کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ  وڌيڪ 20 ڄڻن جي گرفتاري جي منظوري ڏني وئي آهي جن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن.

حافظ سعيد جي گرفتاري اندروني معاملو آهي: شهباز گل

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي ترجمان شهباز گل جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد جي گرفتاري قومي ايڪشن پلان تحت عمل ۾ آندي وئي.

پجاب جي وڏي وزير جي ترجمان شهباز گل جو چوڻ آهي ته حافظ سعيد جي گرفتاري قومي ايڪشن پلان تحت آهي، نيشنل ايڪشن پلان سڄي ملڪ ۾ جاري آهي.

سندس چوڻ هوته حافظ سعيد جي گرفتاري ۾ ڪوبه پرڏيهي تعلق شامل ناهي پر اهو اسانجو اندروني معاملو آهي حافظ سعيد تي ڪيس آهن ۽ هو انهن کي منهن ڏيندو.

حافظ سعيد جي گرفتاري جي حوالي سان وڌيڪ معلومات فراهم ڪرڻ واري سوال تي سندس چوڻ هو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جاري آهي، وڌيڪ ڄاڻ شيئر نٿو ڪري سگهان.

You might also like