ناميارو صحافي، شاعر ۽ اديب اسلم آزاد

ورثا پيرزادو

ڪجهه ڏينهن پهريون هڪ افسوسناڪ واقعو اسان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندي ڏٺو. اسلم آزاد ناميارو صحافي، شاعر ۽ اديب آهي. هلال پاڪستان اخبار ۾ هن ڪم ڪيو ۽ پي ٽي وي تي پڻ ڪجهه پروگرام هوسٽ ڪيا جن ۾ ”پرک“ تمام گهڻو مشهور آهي.انهن پرگرامن کان علاوه به هن ٻه ٽي پروگرام ڪيا ۽ ٻاراڻا ڪتاب لکيا.هن ادبي دنيا ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو.پنهنجي ابتدائي تعليم کان وٺي گريجوئيشن تائين  حيدرآباد ۾ پڙهيو. 1969 کان 1971 تائين ”مارشل لاءِ“ جي دور ۾ ”اسٽوڊنٽس پبليڪيشن“ جا 14 ڪتابڙا شايع ڪيائين. هن پي. ٽي. ويءَ تي وينجهار، لطيفي لات، گهڙيال، پرک تي ۽ ٻين ڪافي پروگرامن ذريعي پاڻ مڃرايو، جنهن جي مڃتا طور پي ٽي ويءَ پاران کيس پروگرام ”لطيفي لات“ 1987ع ۾ پي ٽي وي ايوارڊ ڏنو ويو.اٺ سال اڳ هن ڀٽائي جي شاعري جو اردو ترجمو به ڪيو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: زبردسي مذهب تبديل ڪرائڻ خلاف سنڌ اسمبلي ۾ ٺهراءُ

اسلم آزاد سنڌ جي بي وسي جو حقيقي چهرو آهي . هي جمهوري تحريڪ جي جدوجهد کان ويندي صحافت توڙي ٽي وي اسٽيج جو وڏو ڪردار رهيو آهي ۔ لکيل پڙهيل خاندان جو بهترين تعليم يافته شخص هجڻ باوجود کيس اهڙا ڏينهن ڏسڻا پيا جو بيماريءَ ۾ ڪير مدد ڪرڻ به نه آيس..اسلم آزاد جي طبيعت خراب ٿيڻ سان گڏ هن جي اهڙي حالت ڏسي لڳي پيو ته کيس ڪير ڏسڻ وارو به ڪونهي . هن کي حڪومت ته ڇا پر اهل قلم ماڻهن مان به ڪنهن ياد ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي ۽ ان ڳالهه جي هن ماڻهو کي پرواهه به نه هئي اڄ جڏهن هو پنهنجي وس ۾ ناهي رهيو ان مرحلي تي ساڻس همدردي جو احساس اڃا به وڌيڪ تڪليف ڏئي ٿو حڪومت کي ته ڪا اپيل ڪري هن عظيم شخصيت جي لاچارگي ۽ بي وسي ظاهر ڪرڻ نه گهرجي باقي اسلم آزاد پاڻ چوندو رهيو آهي ته منهنجي ڪردار کي جيڪو مان مليو اهو سنگت جي سامهون آهي باقي ذاتي طور تي انسانيت ناتي جيئن ڪو ڪهي اچي ٿو ته ان کي مان ڏيندو آهيان.اسان جي ماڻھن ۽ حڪومت جي بي حسي سڀن جي سامهون آهي ۽ اسلم آزاد جي همٿ به  جيڪو هن مهل به چوي پيو ته ٺيڪ آھيان۔

سندس پراڻيون تصويرون ڏسي لڳي ٿو ته هو پرجوش ۽ جذبو رکندڙ پر عزم ماڻهو آهي. کيس ملڪيت ميڙڻ سان دلچسپي نه هئي ان لاءِ سندس حال غريباڻو هو.اسلم آزاد جا ڪجهه دوست ۽ سندس مداح تمام گهڻو ڏک ۾ آهن جيئن ته وائرل ٿيل وڊيو ۾ اسلم آزاد هڪ لاچار پوڙهو ماڻهو نظر اچي پيو جنهن جو ڪو والي وارث ناهي.اهو ڏسي تمام گھڻو ڏک ٿيو.اسان دعا ٿا گهرون ته الله پاڪ کيس جلد صحت عطا فرمائي.باقي سنڌ جي اديبن ۽ صحافين جو ئي اهو حشر ٿيڻو آهي.

هتي اهو به نه وسارڻ گھرجي ته جيڪي قومون پنهنجن ڏاهن، دانشورن ۽ قلم ڌڻين جو قدر نه ڪنديون آحن اهي اول آخر جهالت جو شڪار ٿي تباهه ٿي ويندوين آهن. ان ڪري اسان جي نئين نسل کي پنهنجن ڏات ڌڻين جو قدر ڪرڻ گھرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.