ميڪسيڪو ۾ وڌيڪ هڪ صحافي قتل

 

ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو ۾ هڪ نيوز ويب سائٽ جي سربراهه کي قتل ڪيو ويو.

اختيارين موجب ان صحافي کي چاقو جا وار ڪري ماريو ويو ۽ ان جو مڙهه ملڪ جي وچين حصي مان مليو.

هلندڙ سال اهڙي اناز جي قتل جي اها ڏهين واردات آهي.

ٻڌايو ويو آهي ته نيويٿ ڪونڊيس جاراميلو نالي صحافي جو مڙهه ڇنڇر جي صبح هٿ آيو هو، اهو 42 ورهين جو صحافي هڪ نيوز ويب سائٽ جو سربراهه هو، جيڪو هڪ مقامي ريڊيو پروگرام ۾ ميزباني جا فرض به انجام ڏيندو هو.

صحافين جي تحفظ جي تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز جو چوڻ آهي ته ان صحافي کي گذريل سال جون ۽ نومبر ۾ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون مليون هيون.