انگلينڊ ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ ۾ ٽئين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

ٽائونٽن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ بهترين بيٽنگ ۽ بالنگ جو مظاهرو ڪندي ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ ۾ ٽئين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

سائوٿ هيمپتن ۾ کيڏيل ورلڊ جي 19 ميچ ۾ انگلينڊ تاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو درست ثابت ٿي ۽ ميچ جي ٽئين اوور ۾ ئي ايون لوئس پويلين موٽي ويو.

شي هوپ ۽ ڪرس گيل ٽيم جي اڌ سينچري مڪمل ڪرائي پر پوءِ ٻئي بيٽسمين هڪ ٻئي پٺيان 11 ۽ 36 رنسن جي اننگز کيڏڻ کان پوءِ پويلين موٽي ويا.

55 رنسن تي تي ٽئي وڪيٽون ڪرڻ بعد شيمرون هتمائر ۽ نڪولس پوران جي جوڙي گڏ ٿي ۽ ٻنهي 89 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري شروعاتي نقصان جو ڪنهن حد تائين ازالو ڪيو.

پر ان کان اڳ اها ڀائيواري انگلينڊ لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي، جيڪا روٽ پنهنجي ئي بال تي ڪيچ وٺي هٽمائر جي 39 رنسن جي اننگز جو خاتمو ڪري ڇڏيو  جڏهن ته 155 جي اسڪور تي ويسٽ انڊين جيسن هولڊر به ورٽ جي بال تي هن کي ڪيچ ڏئي هلي پيو.

ان کان پوءِ نڪولس پوران هڪ اينڊ تي موجود رهيو پر ٻين اينڊ کان وڪيٽ ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ ۽ سموري ويسٽ ايڊين ٽيم 212 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

پوران 63، رسل 21 ۽ برايٿ ويٽ 14 رنسون اسڪور ڪري پويلين موٽيو، انگلينڊ طرفان جوفرا آرچر ۽ مارڪ وڊ ٽئي، ٽئي ۽ روٽ ٻه وڪيٽون ورتيون.

جيسن راءِ جي انجري جو شڪار ٿيڻ سبب هدف جو پيڇو ڪندي جوني بيئراسٽو سان گڏ اوپننگ لاءِ جوروٽ ميدان ۾ لٿو.

اوپنرن انگلش ٽيم کي 95 رنسن جي بهترين شروعات فراهم ڪري ڪاميابي جو بنياد رکيو، بيئراسٽو 7 چوڪن سان مزين 45 رنسن جي اننگز کيڏڻ بعد پويلين موٽيو.

ان موقعي تي انگلش ٽيم حيران ڪندڙ قدم کڻندي ڪرس ووڪس کي ٽئين نمبر تي بيٽنگ لاءِ موڪليو ڇو جو فيلڊنگ دوران ڪپتان آئن مورگن به زخمي ٿي ويو هو.

هن بهترين راند پيش ڪندي ٻين اينڊ تي موجود روٽ سان گڏجي ٻين وڪيٽ لاءِ 104 رنسون ٺاهي پنهنجي ٽيم جي فتح کي يقيني بڻايو ۽ 40 رنسو ٺاهڻ بعد آئوٽ ٿي ويو.

ٻي پاسي روٽ بهترين فارم جو سلسلو جاري رکندي هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ ٻين سينچري اسڪور ڪئي ۽ انگلينڊ 18.1 اوورن اڳ ئي هدف حاصل ڪري ميچ ۾ 8 وڪيٽن سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

روٽ روٽ 100 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته بين اسٽوڪس 10 رنسون ٺاهيون. جوروٽ کي سينچري ۽ 2 وڪيٽن جي بهترين ڪارڪردتي تي ميچ جو بهترين رانديگدر قرار ڏنو ويو.

You might also like