رپورٽ: جهڏو: ڳوٺاڻن پاران نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: جهڏو: ڳوٺاڻن پاران نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: جهڏو: ڳوٺاڻن پاران نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاج

 

جهڏي جي ڳوٺاڻن نوجوان جي بازياب ۽ داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو اپيل ڪئي آهي.

ڳوٺ رمضان دلواڻي جي رهواسين ڪرم علي دلواڻي، علي غلام، عبدالڪريم ۽ ٻين چيو ته علائقي جا بااثر عبدالعزيز ڪنبوهه، نذير، اختر، اسلام ۽ ٻين جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته بااثر زمين ڦٻائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن، جڏهن ته نوجوان پڻ 6 مهينن کان گم آهي، کين خدشو آهي ته مخالفن اغوا ڪيو هوندو.

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان جي نوجوان کي بازياب ڪرائي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.