رپورٽ:جھول: ”ٻار پڙهايو ملڪ سنواريو“ جي عنوان هيٺ تعليمي جاگرتا ريلي

عوامي آواز رپورٽ
جھول: ”ٻار پڙهايو ملڪ سنواريو“ جي عنوان هيٺ تعليمي جاگرتا ريلي
عوامي آواز رپورٽ جھول: ”ٻار پڙهايو ملڪ سنواريو“ جي عنوان هيٺ تعليمي جاگرتا ريلي

جھول ۾ ٻار پڙهايو ملڪ سنواريو جي عنوان هيٺ گورنمينٽ پرائمري اقرا اسڪول کان پريس ڪلب تائين تعليمي جاگرتا ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ پروفيسر الله ورايو بھڻ،  استاد امام بخش بلوچ،  رزاق عمراڻي، عباس وساڻ سميت استادن شاگردن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي  ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته  سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ ٻارڙا پرائمري تعليم کان محروم آهن.

هنن چيو ته جاگرتا مهم جو مقصد ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي  جيئن هو پنهنجي ٻارڙن کي وڌ کان وڌ اسڪولن ۾داخل ڪرائن.

هنن چيو ته والدين پنهنجن ٻارڙن کي بهتر تعليم ڏيارن جيئن هو بهتر تعليم حاصل ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن…………….

 رپورٽ-مير الطاف

You might also like