ڄامشوري ڀرسان حادثن ۾ ٽن نوجوان ڪرڪيٽرن سميت 6 ڄڻا فوت، 5 زخمي

ڄامشورو/ مانجهند (ڊر + ن ع آ ) ڄامشوري ويجهو ٽن روڊ حادثن ۾  نوجوان ڪرڪيٽرن سميت  6 ڄڻا فوت ٿي ويا،  ٻن عورتن سميت 5 زخمي ٿي پيا.  لمس يونيورسٽي جي مک گيٽ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي  موٽرسائيڪل ۽ ڪوچ  جو آمهون سامهون ٽڪرٿي پيو ، موٽر سائيڪل سوار خاڻوٺ واسي  3 نوجوان حادثي ۾فوت ٿي ويا. خاڻوٽ واسي نوجوان نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ تان موٽي رهيا هئا .موٽر سائيڪل تي سوار ظفر دائيداڻو، عابد دلواڻي کوسو، گل حسن ڪوريجو حادثي جو شڪارٿي ويا ، ظفر دائيداڻو ۽ گل حسن ڪوريجو موقعي تي فوت ٿي ويا .جڏهن ته 21 سالن جو عابد دلواڻي کوسو کي پهرين لمس بعد ۾ ڪراچي اسپتال نيوويو جيڪو ويندي رستي ۾ دم ڌڻيءِ حوالي ڪيو. سوڳ ۾ خاڻوٺ شھر مڪمل طور بند ٿي ويو کين مقامي قبرستانن ۾ آلين اکين سان تدفين ڪئي وئي جن هوڏانهن  موٽروي تي چونڪي نمبر 10 جي حد ۾ تيز رفتار ڪار لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪلٽي ٿي پئي جنهن  جي نتيجي ۾ ٻه ڪار سوار ڪوٽڙي جو رهواسي 40 سالن جو علي نواز شورو ۽ 14 سالن جو آصف شورو فوت ٿي ويا .ڪار ڪراچي کان ڪوٽڙي وڃي رهي هئي کين حادثو پيش آيو. پيٽارو روڊ تي تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو سيد شهمير شاهه ولد عثمان شاهه تڏي تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته سيدقادربخش شاهه،مسمات حرمين بي بي زال عثمان شاهه،رابعا ڌيءُعاقب شاهه سميت 5ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.  حادثن جي فوتين ۽زخمين کي پهرين لمس اسپتال ڄامشورو بعد۾ سول اسپتال حيدرآباد ۽ ڪراچي ڏانهن نيوويو .03

موٽر وي موري طرفان گيس سليندر وارين گاڏين خلاف وٺ پڪڙ شروع

قاضي احمد (ن ع آ) موٽروي پوليس بيٽ 30مورو جي سي پي او حنيف عارف اترا ايڊمن آفيسر علي اصغر عباسي ۽ آپريشن آفيسر فقير عجيب هيسباڻي نيشنل هاء وي تي ڪاروائي ڪئي هاء اسپيڊ,ء CNG سلينڊر وارين گاڏين خلاف سخت ڪاروائي ڪندي مختلف هنڌن تي چيڪنگ ڪئي ۽ قانوني خلاف ورزي ڪرڻ وارين تي ڏنڊ وڌو ويو ان موقعي تي موٽروي پوليس بيٽ 30مورو جي سي پي او حنيف عارف اترا آپريشن آفيسر فقير عجيب هيسباڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ جي موٽروي جي خاص هداتن تي ڪاروايون ڪري رهيا آھيون هنن وڌيڪ چيو ته سلينڊر CNG واريون گاڏيون هلائيڻ نه ڏنيون وينديون، خلاف ورزي ڪندڙ گاڏين جي مالڪن خلاف ايف آءِ آر ڪرائي ويندي.

You might also like