جمنا سامي واقعو،  انگ اکر ۽ اسان جا رويا

نعيم ميربحر

سوشل ميڊيا جي سٺي ڳالهه اها آهي ته هتان مظلوم ۽ بي سهارا فردن جو آواز اعليٰ اختيارين تائين پهچي ٿو، جنهن تي فوري عمل ٿئي ٿو ۽ انصاف لاءِ رستو کلي ٿو ۽ خراب ڳالهه ته نياڻين جون تصويرون ۽ وڊيوز وڏين وڏين دانشورين سان گڏ پوسٽ ڪيا وڃن ٿا، ميڊيا جي اخلاقيات ۾ شامل آهي ته اسين ڪنهن جي تصوير سندس اجازت کانسواءِ نه رکون ۽ اهڙي تصوير ته بنهه رکڻ کان پاسو ڪيون، جنهن جو تعلق عزت ۽ نفس سان هجي.

تازو جمنا سامي 13 سالن جي نياڻي سان مبينه ڏاڍائي جو واقعو جيئن ئي سوشل ميڊيا تي آيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار جيل جي سلاخن پٺيان پهچي ويا، نه ته ڪير ٿو سامين جي وارثي ڪري، غريب پنهنجي لباس مان ئي انصاف جي واٽ تي هڪ قدم پوئتي رهجي وڃي ٿو، جيڪو ڏاڍو سو گابو واري چوڻي وانگر غريب کي موٽ ملڻ به مشڪل هوندي آهي، پر سوشل ميڊيا تي عوام هڪ آواز ٿي سامهون اچي ٿو ته ڪا اڳڀرائي ٿئي ضرور ٿي.

ملڪ ۾ ٻارن سان اجتماعي ذيادتين جا واقعا هر پٺئين سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رپورٽ ٿين ٿا، هڪ رپورٽ موجب سال 2018 ۾ 3838 ٻارڙن سان ذيادتي جا واقعا ملڪ جي چئن صوبن ۾ رپورٽ ٿيا، جيڪي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيا، جيڪي سال 2017 جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو وڌيڪ آهن، سال 2017 ۾   3445 ڪيس مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيا، پر اهڙا سوين واقعا اهڙا به هوندا جيڪي ميڊيا جي اک کان رهجي ويا يا جيڪي والدين سماج جي ڪنهن غير فطري رد عمل جي ڪري مٽيءَ حوالي ڪري ڇڏيا. رپورٽ موجب اهڙن واقعن ۾ 51 سيڪڙو نياڻيون جڏهن ته 49 سيڪڙو ڇوڪرن جو انگ آهي. اها پڻ ڏند ڪٿا آهي ته تقريبن هر روز پاڪستان ۾ 10 کان 12 ٻارڙن سان جسماني ذيادتي ٿئي ٿي، پوءِ اها ريپ يا دوستي جي نالي سان ڇونه ٿيندي هجي. جيڪڏهن جائزو وٺجي ته 2017 جي ڀيٽ ۾ 2018 ۾ 11 سيڪڙو ٻارڙن سان ذيادتي ٿي ته پوِءِ 2019 ۾ هينئر تائين جيڪي ڪيس سامهون آيا آهن، انهن مطابق 33 سيڪڙو اضافو تصور ڪيو پيو وڃي، جيڪو والدين لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ قابل فڪر آهي، جنهن لاءِ ٻارڙن کي وڌيڪ توجه ۽ وقت ڏيڻ جي ضرورت آهي. هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ پنهنجي هڪ شنوائيءَ ۾ انگ اکر جاري ڪيا هئا ته 1070 ملزمن خلاف 474 ڏاڍائي جا ڪيس سندن وٽ هلندڙ آهن، جيڪو انگ پڻ تمام وڏو آهي.

تازو جيڪو واقعي ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو آهي، ان واقعي موجب جمنا سامي نياڻي جو مزدور پيءَ، جاتيءَ پنهنجا اصل اجها ڇڏي عارضيءَ جهوپڙي اڏي ٽنڊو محمد خان جي نوناري پيٽرول پمپ پٺيان ويٺو، عيد جو ٽيون ڏينهن گهر جو ڪجهه سامان وٺڻ لاءِ نڪتل جمنا جنهن جي عمر پيءَ موجب 13 سال مس آهي، کي جوابدار روشن علي ۽ رجب علي شيخ نشو پياري سندس عزت سان کيڏيو، والدين کيس نوناري پمپ ڀرسان ميدان ۾ نشي ۽ ازيت جي حالت ۾ ڏسي کيس کڻي اسپتال پهتا، جتان پوءِ ٿاڻي رخ ڪيو ويو ۽ ائين خاندان جي عيد جا ڏهاڙا خوشين بجاءِ هڪ طويل درد ۾ تبديل ٿي ويا، اهڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ ملزم پوليس پڪڙي ورتا.

جمنا کي ٽنڊو محمد خان مان سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، جتي سڀ کان اهم سندس چڪاس هئي، جنهن ۾ جوابدارن خلاف واضح ثبوت اچڻو هو، سول اسپتال حيدرآباد عملي پاران چڪاس نه ٿيڻ جو بيان ڏنو آهي، جنهن جو سبب نياڻي پاران تعاون نه ڪرڻ ٻڌايو پيو وڃي، بحرحال چڪاس ڪرڻ ۾ دير ٿيڻ مناسب نه پيو لڳي ۽ والدين جو تعاون ۽ سندس رڪارڊنگ سامهون آهن، جيڪي ان ڳالهه جي تصديق پڻ ڪري چڪا آهن، جمنا جو والد مٺو سامي فريادي پڻ آهي، ان ڪري چڪاس جو دير ٿيڻ ۽ اسپتال انتظاميه جا ايڪس ڪيوز مناسب نٿا لڳن. سول اسپتال انتظاميه طرفان هن هيڏي وڏي هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ بنا چيڪ اپ جي جمنا کي ڊس چارج ڪري ڇڏڻ مان سول اسپتال انتظاميه ۽ ڊيوٽي ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سامهون نظر اچي ٿي،  عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجي جي سول اسپتال انتظاميه سان ڳالهه ٻولهه جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي ٻڌي سگهجي ٿي، جنهن ۾ سول اسپتال انتظاميه پاران سامي خاندان کي سول اسپتال مان منتقل ڪرڻ جا واضح ثبوت آهن، اها پڻ فڪر جي ڳالهه آهي ته جتي نياڻي کي بليڊنگ هلندڙ هجي اتي کيس ڊسچارج ڪري خاندان کي سول اسپتال انتظاميه طرفان اهو سڄو ڊرامو رچائڻ جو الزام انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي.

جمنا جي سهائتا لاءِ سنڌ سڄي گڏ آهي، جيڪو بهتر عمل آهي پر ان واقعي کي سياسي پڻ بڻايو پيو وڃي، جيڪو مناسب ناهي، اتي اهو پڻ بحث هلي رهيو آهي ته جمنا جي سهائتا لاءِ ڪير اڳ ۾ پهتو، ڦلاڻو اڳواڻ، ڦلاڻي پارٽي يا ڦلاڻو فورم ۽ اهو سلسلسو اڃان به هلندڙ آهي، اسپتال انتظاميه جمنا سان ملڻ لاءِ ايندڙ هجومن ۽ سندس ڪيمرائن ۽ وڊيوز ڀرڻ دوران پڇندڙ سوالن مان تنگ ضرور ٿي آهي. جمنا سامي جي مدد ڀلي ڪئي وڃي، پر ان واقعي کي سياسي بنائڻ بنهه غلط ڳالهه آهي، سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ قومي ڪارڪن ۽ سياسي پارٽين جا ورڪر هڪ ٻئي کي سان بحث پيا ڪن ته منهنجو اڳواڻ اڳ ۾ پهتو، ته ٻيو اهو چوي ته منهنجي اڳواڻ اڳ ۾ مدد ڪئي، ته ڪا ٻي پارٽي وري ٻنهي کي ڦوٽو سيشن ڪندڙ ڪوٺي پئي. اهڙا رويا اصل روح جمنا سامي سان انصاف ۽ سندس سهائتا کي ڀت سان پيا لڳائين.

ٻيو ته جمنا سڀاڻي وڏڙي ٿيندي، دعا آهي ته وڌي ڪامبيابين ڏانهن سفر ڪندي، جيڪڏهن سندس اڳيان پنهنجي اها تصوير ايندي ته ڪيڏي نه رنج ۾ پوندي يا سماج ڪهڙي نظر سان ڏسندو، ڦٽن جي ڀرجي وڃڻ کانپوءِ انهن جو نشان آهستي آهستي مٽجي ويندو آهي، پر جيڪڏهن اسان جي ڪنهن عمل جي ڪري ڪنهن جو مستقبل ماضيءَ جي ڪنهن اونداهه رستي ڏانهن لڙي ته هوند اسان جو عمل چڱو نه ڪوٺيو ويندو. مهرباني ڪري نياڻين جي تصورن کي پوسٽ ڪري ان تي وڏا فڪرا لکڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

جمنا سامي سان مبينه ذيادتي ڪندڙ ملزم هن وقت جيل ۾ آهن، جيڪڏهن ميڊيڪل رپورٽ ۾ واضح ٿئي ٿو ته ضرور کين پاڪستان پينل ڪوڊ تحت سزا ڏني ويندي، ٻارڙن سان ذيادتي جي حوالي سان پاڪستان پينل ڪوڊ تحت ملزم کي هڪ سال کان 7 سالن جي وچ ۾ سزا ڏئي سگهجي ٿي ۽ گڏو گڏ هڪ لک کان 5 لک تائين جرمانو پڻ وٺي سگهجي ٿو، پاڪستان پينل ڪوڊ تحت ٻار جي عمر جي حد 12 سال تائين آهي، ان ڪري وڌيڪ قانوني ماهر ان تي پنهنجي راءِ ۽ رهنمائي ڪري سگهن ٿا، پر اهو پڻ بحث هيٺ آهي ته سزا جي حد ڇا هجڻ گهرجي، ان کان اڳ 7 سالن جي زينب انصاري سان ٿيندڙ ذيادتي ۽ سندس موت جي ذميوار مجرم عمران علي کي ڦاسي ڏني وئي هئي، ڇو ته سندس مٿان ٻه مختلف ڪيس هئا، جمنا واقعي جي ملزمن قانون موجب ڏسون ته ڪهڙي سزا ٿا ڀوڳين، پاڪستان جي وزير اعظم ويجهڙ ۾ ئي پنهنجي بيان ۾ ٻارڙن سان ذيادتي ڪندڙن خلاف موت جي سزا تجويز ڪئي آهي، ان تي پڻ بحث هلندڙ آهي، جنهن ۾ گهڻائي ۾ راءِ اها ئي جڙي آهي ته موت جي سزا ڏني وڃي ٻارڙن سان ذيادتي ڪندڙن کي جڏهن ته اهو پڻ بحث هيٺ آهي ته ڪٿي ڪو بي ڏوهي ته موت جي ور چڙهي وڃي.

ساڳي وقت ان ڳالهه جي لاءِ به اعليٰ اختيارين کي قدم کڻڻ گهرجي ته سوشل ميڊيا ذريعي ٻارڙن جي ڪابه اهڙي غير اخلاقي وڊيو شيئر نه ٿئي، ڇو ته موبائيل، واٽس ايپ، فيس بوڪ سميت مختلف سماجي رابطن جي ويب سائيٽن ذريعي ٻارڙن وچ ۾ ٿيندڙ غير مناسب روين يا سندن دوستيءَ جي نالي تي ٿيندڙ ذيادتين جي وڊيوز پڻ شيئر ٿينديون رهن ٿيون، جيڪي ڏسڻ سان ڪنهن سوچ کي سگهه ملي سگهي ٿي، ان ڪري اهڙين وڊيوز جي شيئرنگ تي پڻ مڪمل پابندي هجڻ گهرجي.

والدين کي گذارش ڪبي ته ملڪ ۾ جيڪي ٻارڙن سان ٿيندڙ واقعا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن ان جي ڀيٽ ۾ اسان جو ٻارن ڏانهن ڌيان ڪيترو وڌيو آهي، اهو سوال پنهنجي پاڻ کان ڪريو، جي جواب ملي ته اسان وڌيڪ ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي ته ٺيڪ نه ته…!!!

You might also like