يقيني اشارا موجود آهن ته خاشقجي کي سعودي ولي عهد قتل ڪرايو: گڏيل قومون

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي ماهرن سعودي حڪومت جي ناقد صحافي جمال خاشقجي جي قتل بابت پنهنجي جاچ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

ان اداري طرفان خاص جاچ ڪندڙ آنيئس ڪالما موجب اهڙا يقيني اشارا موجود آهن ته ان قتل پويان سعودي ولي عهد جو هٿ ٿي سگهي ٿو پر ان لاءِ وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي، وڌيڪ جاچ لاءِ درخواست گڏيل قومن جي انساني حقن بابت اداري کي ڏني وئي آهي.

واضح رهي ته جمال خاشقجي کي ترڪي ۾ سعودي قونصل خاني اندر قتل ڪيو ويو هو.

You might also like