رپورٽ:ڄام صاحب: شهرين جو صاف پاڻي لاءِ احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ڄام صاحب: شهرين جو صاف پاڻي لاءِ احتجاج
عوامي آواز رپورٽ ڄام صاحب: شهرين جو صاف پاڻي لاءِ احتجاج

*ڄام صاحب شهر جي بس اسٽاپ ڪالوني جٽ ڪالوني ملڪ ڪالوني ۽ سيد محلا ۾ واٽرسپلاء جي پاڻي ۾ گٽر جو پاڻي اچڻ بند نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران  احتجاج ڪيو ويو .

شهرين خميسو خان وسطڙو وقاص جٽ ڪامريڊ لعل خان شر جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

اڳواڻن مظاھرين کي خطاب ڪندي چيو ته چئن سالن گٽر وارو گندو پاڻي واٽرسپلاء جي نالين ۾ اچي رهيو آهي ڪيترائي ڀيرا ٽائون آفيسر چونڊيل چئيرمين ۽ ڪائونسلرن ڏي شڪايتون کڻي ويا آهيون پر سدائين نظرانداز ڪري ويو آهي ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي

 هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …………………………

You might also like