رپورٽ:اسلام ڪوٽ: ڪوسٽر ڪلٽي، زال مڙس فوت، 15 ماڻهو زخمي ، اسپتال منتقل

عوامي آواز رپورٽ
اسلام ڪوٽ: ڪوسٽر ڪلٽي، زال مڙس فوت، 15 ماڻهو زخمي ، اسپتال منتقل
عوامي آواز رپورٽ اسلام ڪوٽ: ڪوسٽر ڪلٽي، زال مڙس فوت، 15 ماڻهو زخمي ، اسپتال منتقل

اسلام ڪوٽ ويجهو ٿرڪول روڊ تي ڪوسٽر  ڪلٽي ٿيڻ سبب زال  مڙس فوت ٿي ويا جڏهن ته 15 کان وڌيڪ ماڻهو  زخمي ٿي پيا آهن.

ڳوٺ تگوسر کان ايندڙ ڪوسٽر ٻڪرين کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي،  نتيجي ۾ هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ،15 کان مٿي زخمي ٿي پيا آهن.

فوتين ۾ 50 سالن جو رڻمل ميگهواڙ ۽ سندن گهر واري 45 سالن جي  کيان ٻائي شامل آهن.

اطلاع تي پوليس  ۽ واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي………..

***

You might also like