اسلام آباد کي پشاور يا لاهور سان ملائڻ جو ارادو ته ناهي: عدالت ڪاوڙجي پئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قائم مقام چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته اسلام آباد هر گذرندڙ ڏينهن سان تباهه ٿي رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ سنٽورس شاپنگ مال حددخلين ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته جسٽس گلزار احمد سي ڊي اي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ سي ڊي اي ڇا ڪيو، شاپنگ مال سڄو سروس روڊ قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي، حددخليون ڪڏهن ختم ٿينديون.

جسٽس گلزار احمد چيو ته اسلام آباد شهر جي صورت ئي بگاڙي وئي آهي، اسلام آباد کي ايترو وڏو شهر ڇو بڻايو ويو، هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ اهو تباهه ٿي رهيو آهي، ان کي پشاور يا لاهور سان ملائڻ جو ارادو ته نه اَٿو، سي ڊي اي آفيسر اکيون بند ڪيون ويٺا آهن، سرڪار جو فرمان آهي جڏهن شهر جو انتظام نه سنڀالي سگھجي ته نئون شهر آباد ڪجي.

سي ڊي اي چيئرمين چيو ته اڄ ئي سروس روڊ تان حددخليون ختم ٿي وينديون، آفيسرن خلاف به ايڪشن کڻنداسين، سڄي اسلام آباد ۾ حددخلين جي نشاندگي ڪرائي آهي.

هن پنهنجي ئي ملازمن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته حددخلين جي معاملي ۾ پنهنجي عملي تي اعتماد نٿو ڪري سگھان. سپريم ڪورٽ سي ڊي اي چيئرمين کي سنٽورس مال سان لاڳاپيل سروس روڊ آجو ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ پيش ڪرڻ هدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like