اسلام آباد ۾ 10 ورهين جي فرشته وحشيانيت جو شڪار، پوليس جي به حيوانيت، ڌرڻو

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ 15 مئي تي اغوا ٿيل ٻارڙي زيادتي بعد قتل، شهزاد ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ جهنگ مان لاش مليو.پوليس جي نااهلي ۽ دردناڪ واقعي خلاف متاثر، احتجاج ڪندي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. شهزاد ٽائون مان اغوا ٿيل مهمند ايجنسي واسڻ 10 ورهين جي فرشته کي ڏاڍائي بعد قتل ڪيو ويو. جوابدار زيادتي بعد لاش اڇلائي ويا، لاش ملڻ تي والدين ۽ ٻين ڌرڻو هنيو، ايم اين اي محسن داوڙ به پهتو، رات دير سان ڳالهين بعد احتجاج ختم ڪيو ويو. پوليس شڪ ۾ 2 جوابدار گرفتار ڪري ورتا. هوڏانهن شهزاد ٽائون جي ايس ايڇ او خلاف ٻارڙي جي والد گل نبي درخواست ڏيندي ڄاڻايو آهي ته پوليس ڪيس به داخل نه ڪيو. اڃا به چيو ته تنهنجي نياڻي ڀڄي ئي آهي. پوليس اهلڪار منهنجن پٽن کان ٿاڻي جي صفائي ڪاريئندا رهيا.0330

You might also like