سعودي عرب هوائي اڏي تي حملي جو الزام ايران تي مڙهي ڇڏيو

 

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ابها جي هوائي اڏي تي ٿيندڙ حملي جو الزام ايراني پاسدارانِ انقلاب تي مڙهي ڇڏيو.

سعودي اختيارين موجب يمن جي حوثي باغين پاسدارانِ انقلاب طرفان فراهم ڪيل هٿيارن سان ان هوائي اڏي کي نشانو بڻايو آهي.

هوڏانهن مصر ان صورتحال ۾ رياض حڪومت جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي، گڏوگڏ قاهرا سعودي سرزمين تي هر قسم جا حملا فوري طور روڪڻ جو مطالبو به ڪيو آهي.

واضح رهي ته اڄ صبح ابها جي هوائي اڏي تي ڪيل ميزائل حملي ۾ 26 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، جڏهن ته حوثي باغين ان حملي جي ذميواري قبولي آهي.

You might also like