آئل ٽئنڪر پڪڙڻ تي ايران چُپ نه ويهندو…

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج جي چيف آف اسٽاف ميجر جنرل محمد باقري چيو آهي ته برطانيا طرفان ايراني آئل  ٽئنڪر کي روڪڻ واري واقعي جو لازمي طور جواب ڏنو ويندو.

برطانوي نيوي جبرالٽر جي پاڻين ۾ خميس ڏينهن هڪ ايراني تيل بردار جهاز کي روڪيو هو.

رائل نيوي جو الزام آهي ته ايراني سامونڊي جهاز پابندين جي ڀڃڪڙي ڪندي شام لاءِ تيل کڻي وڃي رهيو هو.

باقري موجب ايراني آئل ٽئنڪر کي بي بنياد سببن تي روڪيو ويو، ضرورت پوڻ تي تهران ان جو مناسب جواب ڏيندو.

You might also like