ياسر حسين اقرا عزيز جي غلامي ڏيڻ لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار ياسر حسين سوشل ميڊيا تي پنهنجي ۽ اقرا عزيز جي تصوير شيئر ڪندي چيو آهي ته آئون اقرا جي زندگي ۾بادشاهه نه پر هن جو غلام آهيان.

اداڪارا اقرار عزيز ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هوءَ ڪنوار ۽ ياسر گھوٽ جي لباس ۾ نظر اچي رهيا هئا. پر اها سندن حقيقي شادي جي ويڊيو نه هئي پر هڪ برائيڊل شو جو فوٽو شوٽ هو ۽ هاڻ ياسر حسين انهيءَ فوٽو شوٽ جون ڪجهه تصويرون پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيون آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا:همايون سعيد ۽ مهوش حيات وري رومانس لاءِ تيار

تصوير سان گڏ ياسر حسين دلچسپ تبصرو ڪندي اقرار عزيز کي ملڪه ۽ پاڻ کي هن جو غلام قرار ڏيندي لکيو ته “هڪ ملڪه جي ڪهاڻي ۾ بادشاهه، بادشاهه نه غلام هوندو آهي ۽ غلام حاضر آهي اقرار عزيز.

ان کان پوءِ جي تبصري تي اقرا عزيز نهايت محبت ڀريو جواب ڏيندي لکيو ته “ڪاش آئون لفظن ۾ اوهان کان کٽي سگھان ها”.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اقرار عزيز سوشل ميڊيا تي پنهنجي ۽ ياسر جي هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو هو ته هوءَ ياسر سان شادي ڪرڻ لاءِ ڏينهن ڳڻي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.