پي ٽي آءِ جي رڌڻي ۾ رولو

زلف پيرزادو

ڇاڪاڻ ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي جوهر ۾ هڪ ولگر لشڪر جي پارٽي آهي. جنهن جو ڪو نه ته منشور آهي ۽ نه ئي ڪو نظريو آهي. صرف اقتدار جو حصول پي ٽي آءِ جو منشور ۽ نظريو رهيو آهي، ان ۾ آخرڪار ڪامياب ٿي وئي آهي ۽ اڄڪلهه اقتداري پارٽي آهي.ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي هجي، (ن) ليگ هجي، پي ٽي آءِ يا ڪا ٻي پارٽي اها اقتدار تڏهن حاصل ڪري سگهي ٿي جڏهن اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي. اهڙي طرح پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ اڄڪلهه اسٽيبلشمينٽ جي عتاب جو شڪار آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان اقتدار ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي.

جيئن مٿي ذڪر ڪيو ته پي ٽي آءِ ڪا نظرياتي پارٽي نه آهي. ان ڪري ان جو سياسي يا معاشي ۽ عوام دوست منشور به نه آهي اهو ئي سبب آهي جو 10 مهينا گذرڻ دوران پي ٽي آءِ سرڪار ڪو به ذڪر جوڳو عوامي ڀلائيءَ جو ڪم نه ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ اڳواٽ ڪا اهڙي رٿابندي ڪئي ڪو نه هئي، نه ئي ان وٽ ڪا سياسي ۽ معاشي ماهرن جي ٽيم هئي جيڪا اڳواٽ ڪا رٿابندي ڪري تياري ڪري ڪي عوام دوست هدف مقرر ڪري ها ۽ اقتدار ملڻ شرط هدف حاصل ڪرڻ لاءِ عملي ڪوششون ڪري ها، نتيجو اهو نڪتو آهي جو صرف 10 مهينن ۾ ئي پي ٽي آءِ عوامي ۽ سياسي سطح تي ساک وڃائي ويٺي آهي.

ڇو ته صرف ذاتي ۽ اقتداري مفادن تحت ماڻهو گڏ ٿيا ۽ پارٽي ٺهي وئي ماڻهو جيڪي گڏ ٿيا انهن جي فقط هڪ خوبي هئي ته مالدار ماڻهو هئا. سياسي ماڻهو ڪو به نه آهي. ان ڪري هاڻ انهن ۾ مفادن جو ٽڪراءُ شروع ٿي ويو آهي، اڳ صرف شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين جا ڌڙا هئا، هاڻ فواد چوڌري جو به ڌڙو جڙي رهيو آهي. اڃا به ڪي ڌڙا جڙي سگهن ٿا جيڪي سڀ جو سڀ اڳتي هلي ڪڻو ڪڻو ٿي ويندا. ڇو ته دنيا ۾ هر غير سياسي ۽ غير نظرياتي پارٽيءَ جو حشر اهڙو ئي ٿيندو آهي. جهڙو پي ٽي آءِ جو ٿي رهيو آهي.

ملڪ ۽ عوام جا فيصلا اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن جن کي عوام جو هٿ ٺوڪيو ئي سهي مينڊيٽ ئي حاصل نه آهي، اها آهي پارٽيءَ جي سياسي ناڪامي جو عوام جي چونڊيل نمائندن بدران سياسي ۽ معاشي فيصلا ٻاهريان ماڻهو اچي ڪن ۽ اهي به پرڏيهي اشارن تي ملڪ  عوام جي مستقبل جا فيصلا ڪن.

نتيجي طور انهن جي فيصلن جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي ۽ پي ٽي آءِ عوامي ۽ سياسي سطح تي پنهنجي ساک وڃائي رهي آهي. پي ٽي آءِ جي ناڪاميءَ جو وڏو ڪارڻ خود پارٽي سربراهه آهي جنهن کي ڪو به سياسي پس منظر نه آهي نه ئي ڪو نظرياتي ماڻهو آهي.

ان ڪري هن وٽ ڏيهي ۽ پرڏيهي حالتن جو ادراڪ ڪرڻ جي صلاحيت ئي نه آهي. نتيجي طور هينئر جيڪڏهن پي ٽي آءِ سرڪار مان ڪا به ڌر خوش آهي ته اها آهي اسٽيبلشمينٽ جنهن کي ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه آهي. سو حالتن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته هاڻ پي ٽي آءِ حڪومت جو ته وڌيڪ هلڻ مشڪل آهي پر پارٽيءَ جو جٽاءُ به ڏکيو آهي. پي ٽي آءِ جي رڌڻي ۾ جيڪو رولو آهي ان جو نتيجو آخرڪار ڪڻو ڪڻو ٿي ختم ٿيڻ آهي. ڇاڪاڻ ته اڃا پي ٽي آءِ حڪومت قائم آهي. ان ڪري ڪجهه مفاد پرست پارٽي کي چنبڙيل آهن. جيئن ئي اقتدار ختم ٿيو ته چڱا ڀلا ائين غائب ٿي ويندا جو عوام کان ڳوليا به نه لڀندا.

You might also like