ادارا نيوٽرل هئڻ گهرجن، دٻاءَ ۾ نه اچن: غلام سرور جمالي

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ جي سنڌ کان پوءِ ايڊيشنل آءِ جي غلام سرور جمالي به نئين پوليس ايڪٽ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ادارن کي نيوٽرل هئڻ گهرجي ساڄي کاٻي پاسي کان دٻاءُ ۾ نه اچن.

ايڊيشنل آءِ جي سنڌ غلام سرور جمالي حيدرآباد ۾ ايس ايس پي آفيس ۾ شڪايت سيل جو افتتاح ڪيو، ان موقعي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سينيئر آفيسرن جي مقرريون ۽ بدليون سدائين حڪومت ڪندي آئي آهي، پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اي ڊي خواجه ڪيس ۾ عدالت جي فيصلي کان پوءِ اهو اختيار آءِ جي سنڌ وٽ آهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت جو سنڌ اسيمبلي ۾ قانونسازي ڪرڻ حق آهي پر ڏسڻو آهي ته عدالت ان قانونسازي جي عمل کي ڪهڙي طريقي سان ڏسي ٿي اها قانونسازي آئين ۽ قانون موجب آهي يا نه .

غلام سرور جمالي چيو ته سنڌ اسيمبلي جنرل مشرف جي 2002ع جي پوليس قانون کي اسيمبلي ۾ منظور ڪرايو آهي عدالت سمجهندي ته ان کي رد به ڪري سگهي ٿي.

هن چيو ته ڄامشورو ٽول پلازا تي پوليس تشدد مذمت جوڳو عمل آهي،  ايف ڊبليو او جي آفيسرن اتفاق ڪيو آهي ته پوليس سان زيادتي ٿي آهي .

You might also like