انسٽاگرام طرفان آن لائين  هراسمنٽ جي روڪٿام لاءِ نئون فيچر آڻڻ جو اعلان

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام آن لائين هراسمنٽ جي واقعن جي روڪٿام لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

انسٽاگرام جي باني ايڊم موسيري موجب ” رسٽرڪٽ“ فيچر تڪراري پوسٽ ڪرڻ کان اڳ واهپيدارن کي خبردار ڪندو.

هن چيو ته نئين فيچر سان ماڻهن کي ڪمنٽس پوسٽ ڪرڻ کان اڳ نظرثاني ۽ ان رد ڪرڻ جو پيغام ڏنو ويندو، جيڪڏهن واهپيدار پوءِ به ڪو اڻ وڻندڙ ڪمنٽ ڪيو ته اُن کي رپورٽ ٿيڻ جي صورت ۾ ڪمپني طرفان ايڪشن کنيو ويندو.

فيچر بابت ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته رسٽرڪٽ جي سهولت پهريان ڪجهه واهپيدارن کي ڏني وئي ۽ ان جي آزمائش ڪئي وئي، ان دوران ماڻهن جو هاڪاري ردعمل سامهون آيو ۽ سهولت استعمال ڪندڙن پنهنجا ڪمنٽس رد پڻ ڪيا.

سندس چوڻ هو ته انسٽاگرام اهو واحد ادارو آهي جيڪو گٿن لفظن جي مشهوري کي عملي طور تي محدود ڪرڻ ڏانهن وک وڌائي رهيو آهي، ان فيچر ذريعي واهپيدارن کي اهو به فائدو ٿيندو ته هو نفرت جوڳو مواد شيئر ڪندڙ واهپيدار کي رسٽرڪٽ ڪري سگهندا جنهن ذريعي رسٽرڪٽ ڪيل واهپيدار نه ته ڪو ڪمنٽ ڪري سگهندو ۽ نه ئي کيس ” ڊيم ايم “ ۾ ميسيج پڙهڻ جو علم هوندو .

You might also like