انسٽاگرام پهريون ڀيرو رمضان ڪيمرا ايفيڪٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو

ssڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن ۽ فوٽو شيئرنگ ويب سائٽ انسٽاگرام واهپيدارن کي متاثر ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو رمضان ڪيمرا  ايفيڪٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو.

اسٽاگرقام واهپيدارن کي متاثر ڪرڻ لاءِ نت نوان فيچر متعارف ڪرائيندو آهي ته جيئن انٽرنيٽ جي دنيا ۾ راڄ کي برقرار رکي سگھي. انسٽاگرام ڪجهه مهينا اڳ پنهنجي پليٽ فارم کي بهتر بڻائڻ ۽ صحتمند تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف بندوبست ڪيا ۽  فيچرز به متعارف ڪرايا هاڻي انسٽاگرام پهريون ڀيرو رمضان ڪيمرا ايفيڪٽ فيچر متعارف ڪرايو آهي.

ان لينٽرن ڪيمرا ۾ ڌندلو پس منظر ۽ هلال جو مختلف شڪيلون عرب ڊيزائن جون آهن ۽ روايتي طور تي رمضان سان ان جو واسطو سمجهو  ويندو آهي. اهو افيڪٽ ملٽي ليٽر آهي ۽ ماڻهو اسڪرين تي ڪلڪ ڪري هلال جي روايتي ڊيزائن کي حرڪت ڏئي سگھن ٿا جڏهن ته انگريزي يا عربي ۾ رمضان جي مبارڪ لکي سگھو ٿا. انسٽاگرام موجب واهپيدار ان نئين ڪيمرا ايفيڪٽ کي استعمال ڪري پنهنجي مواد کي منٿ آف گڊ هيش ٽيڪ سان شيئر ڪري سگھن ٿا.

You might also like