ورلڊ ڪپ سيمي فائنل، برسات سبب رهيل ميچ سڀاڻي ٿيندي

 

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019 جو پهريون سيمي فائنل مقابلو برسات سبب متاثر ٿيو، جنهن کانپوءِ رهيل ميچ کي متبادل ڏينهن مڪمل ڪيو ويندو.

ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ميچ لاڳيتي برسات سبب اڄ پوري نه ٿي سگهي ۽ ڪيوي ٽيم سڀاڻي پنهنجي رهيل اننگز جي شروعات ڪندي.

نيوزيلينڊ 46.1 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 211 رنسون ٺاهيون هيون ۽ سڀاڻي ڪيوي ٽيم رهيل 3.5 اوور کيڏندي، جنهن کانپوءِ ڀارتي ٽيم هدف جو پيڇو ڪندي.

You might also like