ھندو انتها پسندن شاهه رخ خان کان ڀارت ڇڏڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) نريندر مودي جي هڪ ڀيرو وري وزيراعظم ٿيڻ تي بالي ووڊ جي بادشاهه، شاهه رخ خان کان ڀارت ڇڏڻ جو مطالبو ٿيڻ لڳو.

اهو مطالبو ڀارت جي انتها پسندن ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ڪيو پيو وڃي، 2014ع  شاهه رخ خان جي هڪ ٽوئيٽ وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هن چيو هو ته آئون دنيا کي چئلينج ڪيان ٿو ته جيڪڏهن نريندر مودي وزيراعظم ٿيو ته آئون نه رڳو ٽوئيٽر ڇڏي ڏيندس پر ڀارت به سدائين لاءِ ڇڏي ڏيندس.

جنهن کان پوءِ معلوم ٿيو ته اها ٽوئيٽ جعلي هئي ۽ ڪنهن جعلي اڪائونٽ تان شاهه رخ خان جي نالي سان وائرل ٿي  هئي.

شاهه رخ خان ان ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي تصديق ڪئي هئي ته هن اهڙي ڪا به ٽوئيٽ ناهي ڪئي، مودي جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ انتها پسندن کي اها ٽوئيٽ ياد اچي وئي ۽ هاڻ هو نه رڳو جعلي ٽوئيٽ کي ڦهلائي رهيا آهن پر شاهه رخ خان کان ڀارت ڇڏڻ جو مطالبو به ڪري رهيا آهن.

You might also like