ڀارتي فوج وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويو آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير ۾ سوپور ضلعي ۾ قابض ڀارتي فوج  سرچ آپريشن جي آڙ ۾ فائرنگ ڪري هڪ وڌيڪ نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو جنهن کان ٻن ڏينهن ۾ دوران شهادتن جو انگ 4 ٿي ويو آهي.

ٻئي پاسي احتجاج جي ڊپ کان ڪٺ پتلي انتظاميا ضلعي ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته بارا مولا ضلعي ۾ سمورا تعيلمي ادارا بند ڪيا ويا آهن.

You might also like