والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان چار ماڻهو شهيد

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي سڪيورٽي فورسز جي رياستي دهشتگرديءَ جو سلسلو جاري آهي ۽ وڌيڪ چئن ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فورسز ضلعي پلواما جي علائقي داليپور ۾ جڙتو سرچ آپريشن جي نالي تي گهر گهر جهرتي ورتي ۽ چئن نوجوانن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو. شهيد نوجوانن جي سڃاڻپ نصير، عمر مير، خالد احمد ۽ رئيس احمد ڊار جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان يونس احمد ڊار به شديد زخمي ٿيو جيڪو شهيد احمد ڊار جو ڀاءُ آهي. قابض ڀارتي فورسز آپريشن دوران هڪ گهر کي به تباهه ڪيو. واقعي کانپوءِ وڏي انگ ۾ شهري قابض فوج خلاف روڊن تي نڪري آيا  جنهن دوران چڪريون پڻ ٿيون.  ضلعي پلواما جي انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس معطل آهي ۽ سموري ضلعي ۾ ڪرفيو جو ماحول آهي جتي قابض فوج مختلف علائقن کي ڪڙو چاڙهي رکيو آهي.

You might also like