ڀارت ڪشمري ۾ ڪهڙي تبديلي جي ڪوشش ڪئي….؟ اهم خبر پڙهندا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر اسد مجيد خان جو چوڻ آهي ته والاريل ڪشمير کي عالمي برادري تڪراري علائقو قبول ڪري ٿي پر ڀارت والاريل ڪشمير جي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي اسد مجيد خان جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪطرفي قدم ڇڪتاڻ واڌ ڪئي، والاريل ڪشمير کي عالمي برادري تڪراري علائقو قبول ڪري ٿي ۽ ڀارتي قدم سان خطو سنگين تڪرار تي اچي چڪو آهي.

هن چيو ته ڀارت ڪشمير جي بحران کي هوا ڏئي رهيو آهي، ٽرمپ جي ثالثي واري آڇ کي ڪشميرين ساراهيو هيو پر آرٽيڪل 370 رد ڪري ڀارت آمريڪي آڇ کي رد ڪيو آهي، غرور ۾ مبتلا ڀارت کي خطي جي امن ۽ استحڪام جي پرواهه ناهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، گڏيل قومن، آمريڪا ۽ دوست ملڪن کي گهرجي ته هو ان معاملي تي مداخلت ڪن.

آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير موجب 5 آگسٽ ڀارت جي نالي ماتر سيڪيولر جمهوريت هئڻ جي دعويٰ ۾ آخري ڪِلي هئي، بي جي پي پيڙهيل مسلمانن، مسيحين ۽ دلتن کي بي حيثيت بڻائڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته ڀارت هن ڀيير سرحد پار دهشتگردي جي ڪوڙي الزامن مان جان نه ڇڏرائي سگهندو، ڀارت ڪشمير ۾ جبر ۽ ناجائز قبضي جي ڀيانڪ حقيقت تان ڌيان نٿو هٽائي سگهي.

ڊاڪٽر اسد مجيد خان چيو ته ڀارت کي تڪرار ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ آمريڪا کان جيڪو ٿي سگهي اُهو ڪري، آمريڪي ڪوششن ۽  پاڪستان جي سهڪار سان افغانستان ۾ امن تائين پهچ ٿي.

You might also like