اسان گهڻو ڪيو، ڪو فائدو ناهي، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو…..!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان ڳالهين جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري چڪو آهي هاڻ وڌيڪ ڪجهه نٿو ڪري سگهي، ڀارت سان ڳالهين جو فائدو ناهي.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي وزير اعظم عمران خان ايٽمي صلاحيت تي ٻڌل ٻن پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ جي امڪان کي رد ڪيو جڏهن ته هن جي ڀارت جي خلاف تنقيد ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي.

هن پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته هن وقت نئين دهلي ۾ جيڪا حڪومت آهي اهو جرمني جي نازين جهڙي آهي.

وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته هن وقت 2 ايٽمي طاقتون هڪ ٻئي جي اکين ۾ اکيون وجهي ويٺيون آهن، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

هن هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي خبردار ڪندي چيو ته ڇڪتاڻ وڌڻ جو خطرو آهي، دنيا کي ان صورتحال کان خبردار رهڻ گهرجي.

وزير اعظم پاڪستان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 80 لک ڪشميرين جي حياتين کي خطرا لاڳو آهن جڏهن ته خدشو آهي ته والاريل وادي ۾ نسل ڪشي ٿيڻ واري آهي.

انٽرويو ۾ هن باور ڪرايو ته پنهنجي آمريڪي دوري دوران هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خطي جي انتهائي تباهه ڪندڙ صورتحال جي خدشي کان آگاهه ڪري ڇڏيو.

ڀارت جي هٽ ڌرمي بابت ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان ڀارت منهنجي ڳالهين کي رڳو اطمينان جي لاءِ ورتو، پاڪستان ڀارت سان ڳالهين جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري چڪو آهي هاڻ وڌيڪ ڪجهه نٿو ڪري سگهي.

ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ والاريل وادي ۾ ڀارتي حڪومت جي هڪطرفي قدمن، لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ کي نظر ۾ رکندي وزير اعظم پاڪستان چيو ته ڀارت سان ڳالهين جو ڪو به فائدو ناهي.

وزير اعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته والاريل وادي ۾ نسل ڪشي ڪري سگهي ٿو.

هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته والاريل وادي ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو مشاهدو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا ماڻهو والاريل ڪشمير موڪليا.

You might also like