ڀارت ڪو نه ڪو ڊرامو ڪندو….! وزير اعظم خبردار ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري کي خبردار ڪيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائن لاءِ ڪوڙو آپريشن ڪندو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون عالمي برادري کي خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڀارت قيادت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ اتي برقرار خوف تان ڌياڻ هٽائن لاءِ ڪو ڪوڙو آپريشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.

وزيراعظم چيو ته ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪري رهي آهي ته افغانستان مان ڪجهه دهشتگرد والاريل ڪشمير ۾ دهشتگرد سرگرمين لاءِ داخل ٿيا آهن جڏهن ته ڪجهه دهشتگرد ڀارت جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ داخل ٿيا آهن.

هن چيو ته ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ نسل ڪشي  تان ڌياڻ هٽائڻ لاءِ اهڙي دعويٰ جو امڪان آهي.

وزيراعظم اهو بيان ان وقت ڏنو آهي جڏهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ”جي 7“ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ فرانس پهچي چڪو آهي.

You might also like