هندو انتهاپسندن وٽ ايٽمي هٿيار دنيا لاءِ خطرو آهن: وزيراعظم عمران خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان انتهاپسند سوچ رکندڙ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي حڪمراني ۾ ايٽمي هٿيارن کي غير محفوظ قرار ڏئي ڇڏيو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارتي انتهاپسند، هندو بالادستي جي حامي مودي حڪومت جي هٿن ۾ ايٽمي هٿيار هجڻ تي دنيا کي ان جي سلامتي ۽ حفاظت تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گهرجي، ان جا اثر نه رڳو خطي پر سڄي دنيا تي پئجي سگهن ٿا.


هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم لکيو ته جهڙي ريت جرمني تي نازين جو قبضو ٿيو هو، اهڙي ئي طريقي سان ڀارت تي فاشسٽ ۽ هندو بالادستي جي حامين جو قبضو ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال تي دنيا ۾ خطري ۾ گهنٽيون وڃڻ گهرجن، والاريل وادي ۾ گهيريل 90 لک ڪشميرين جون زندگيون خطري ۾ آهن.

وزيراعظم اها به تجويز ڏني ته ڪشمير ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏيل قومن جي مبصرن کي موڪلڻ گهرجي.

پنهنجي ڳالهه جاري رکندي سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اهو خطرو رڳو ڪشمير تائين ناهي پر پاڪستان سان گڏوگڏ ڀارت ۾ موجود ٻين اقليتن تائين پهچندو.

عمران خان چيو ته توهان گوگل جي مدد سان نازي نظريي ۽ آءِ ايس ايس- بي جي پي بانين جي نظريي ۾ هڪجهڙائي ڄاڻي سگهو ٿا.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ 40 لک مسلمان ڪئمپن ۾ آهن ۽ پوءِ پنهنجي شهريت جو رد ٿيڻ برداشت ڪري رهيا آهن.

هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته آر ايس ايس ڊاڪٽرائن ۽ نسل ڪشي جو جن بوتل کان ٻاهر اچي ويو آهي، آر ايس ايس جا غنڊا ڀڃ ڊاهه ڪري رهيا آهن ۽ عالمي برادري جي نه روڪڻ تي وڌيڪ نقصان ٿيندو.

You might also like