ڀارت طرفان ڊيوس ڪپ جو مقام پاڪستان مان منتقل ڪرڻ جو مطالبو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت انٽرنيشنل ٽينس فيڊريشن کان ڊيوس جو ٿاڪ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڀارت طرفان ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جي قدم کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي.

ڀارت طرفان آرثيڪل 370 جي خاتمي کان پوءِ پاڪستان ڀارت سان سفارتي لاڳاپا محدود، ٻه طرفو واپار معطل ڪرڻ سان گڏ سمجهوتا ۽ ٿر ايڪسپريس سروس معطل ڪري ڇڏي هئي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايشين اوشيانا گروپ 1 جا ٽاءِ مقابلا اسلام آباد جي اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ 14 ۽ 15 سيپٽمبر تي ٿيندا، جولاءِ ۾ ڀارت پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ جي تصديق به ڪئي هئي.

آل انڊيا ٽينس ايسوسيئيشن جي صدر پراوين مهاجن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان آءِ ٽي ايف کان ميچ لاءِ اڻ ڌري جاءِ جو مطالبو ڪيو آهي ڇو جو هن وقت صورتحال غير متوقع آهي.

هن چيو ته منهنجي مڃڻ آهي ته موجودهه صورتحال سبب اها درخواست معقول آهي.

پراوين مهاجن چيو ته آئون پراميد آهيان ته ڊيوس ڪپ ٽاءِ جي جاءِ تبديل ڪري ڇڏيندو ڇو جو پاڪستان نيوٽرل وينيوز ۾ کيڏڻ جو عادي آهي.

سندس چوڻ هو ته انٽرنيشنل ٽينس فيڊريشن طرفان هلندڙ هفتي اسان درخواست جو جواب ڏنو ويندو.

ان کان اڳ پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي صدر سليم سيف الله جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آل انڊيا ٽينس فيڊرشن نيوٽرل وينيو جي خواهش جو اظهار ڪيو ته هو انٽرنيشنل ٽينس فيڊريشن جي فيصل جو احترام ڪن.