والاريل وادي ۾ مسلسل نائين ڏينهن به ڪرفيو برقرار

سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ احتجاج روڪڻ جي لاءِ مسلسل نائين ڏينهن به ڪرفيو برقرار آهي.

ڀارت 5 آگسٽ تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت صدارتي حڪم نامي جي ذريعي ختم ڪري ڇڏي هئي جنهن کان پوءِ ئي وادي ۾ احتجاج کي روڪڻ جي لاءِ قابض فوج ڪرفيو لڳائي رکيو آهي.

والاريل ڪشمير ۾ اڄ مسلسل نائين ڏينهن به ڪرفيو برقرار آهي ۽ رابطن جو نظام مڪمل طور تي معطل آهي. قابض انتظاميا انٽرنيٽ ۽ ٽيليفون سروس به بند ڪري رکي آهي جڏهن ته خابرو ذريعن تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب رابطن واري نظام جي معطلي، مسلسل ڪرفيو ۽ سخت پابندين جي ڪري ماڻهو ٻارن جي لاءِ کير، زندگي بچائڻ وارين دوائن ۽ ٻين ضروي شين جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

You might also like