آزادي جي تحريڪن کي به اظهار جي آزادي واري دائري ۾ آڻي سگهجي ٿو

نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون

زرار پيرزادو

آزادي جي تحريڪن کي به اظهار جي آزادي واري دائري ۾ آڻي سگهجي ٿو

اها ڳالهه ته هر ڪو سمجھي ٿو ته آزادي پنهنجي جوهر ۾ حق جو نالو آهي پر ڪنهن کي آزادي ڏيڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي.

اها به حقيقت آهي ته دنيا اندر ازل کان ذاتي توڙي اجتماعي طور تي ايستائين جو غلامي ۽ قبضي ۾ آيل رياستن ۽ ملڪن به آزادي جون تحريڪون هلايون آهن.

پر سوال اِهو آهي ته جيڪي ڌريون، سياسي جماعتون يا ملڪ، آزادي جون تحريڪون هلائين ٿا يا ٻين جي آزادي جي تحريڪن جي سياسي ۽ اخلاقي حمايت ڪن ٿا، سي پاڻ انهن آزادي جي تحريڪن جي حمايت ڪن ٿا جيڪي کانئن آزادي وٺڻ چاهين ٿا.

انجو جواب دنيا جي تاريخ ۾ ملي ٿو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ”آزادي“ جي صدا هڻندڙ ڪنهن ٻي جاءِ تي وري پاڻ ئي ”قابض“ ٿين ٿا، ٻين ملڪن ۽ قومن جا نه رڳو حق غصب ڪن ٿا پر رد عمل ۾ آزادي جي تحريڪن کي چٿين به ٿا.

انجو مطلب اِهو ٿيو ته آزادي جون تحريڪون هلائيندڙ ڌريون يا مُلڪ رڳو پنهنجي آزادي واري تحريڪ سان سچا آهن، اُهي آزادي جي روح ۽ فلسفي سان سچا ناهن.

سو دنيا اندر ڏکيي ۾ ڏکيو ڪم ڪنهن کي آزادي ڏيڻ، ٻين جي حقن جو احترام ڪرڻ ۽ ساڻن انصاف ڪرڻ هوندو آهي.

ڇا اهو ممڪن آهي ته آزادي جي تحريڪن کي به اظهار جي آزادي واري دائري ۾ آندو وڃي يعني ٻين سياسي تحريڪن وانگر آزادي جي تحريڪن کي به ملڪ ۽ رياستون اظهار جي آزادي طور انهن کي هلڻ ڏين.

سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته دنيا اندر هاڻي ان ڳالهه تي سنجيدگي سان ويچارجڻ شروع ٿي ويو آهي ته آزادي جي تحريڪن کي به اظهار جي آزادي واري دائري ۾ آڻي سگهجي ٿو.