ڏهرڪي  ۾ پيرسن ٻڏي فوت

ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ويجھو ماهي واهه  ۾ پير ترڪڻ ڪري 55 ورهين جو پيرسن پيشو رام ٻڏي فوت ٿي ويو.

 جنهن جو لاش ماڻهن واه  ۾ ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن کان پوءِ لاش کي ٻاهر ڪڍي اسپتال پهچايو ويو .

جتي مڙهه جي سڃاڻپ پيشو رام طور ٿي.

 اسپتال ۾ ماڻهن ٻڌايو ته پيشو رام  ڄنگهه کان معذور هو ، وارثن جي پهچڻ تي پوليس مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو۔

You might also like