امتياز چانڊيو

۽ جڏهن ثقافت جو ڏينهن قومي عيد بڻجي ويو

مون کي اهي ڏينهن ياد آهن، جڏهن سنڌي ٽوپي تي ٺٺول ٿي هئي، تنهن تي سنڌ جي ڌرتي ڌڻين ۽ ثقافت سان پيار ڪندڙ ماڻهن ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جڏهن سڏ ڏنو ته سنڌي ماڻهن ان سڏ کي اهڙي مثالي انداز ۾ ورنايو، جو نه صرف پاڪستان پر سڄي دنيا اهو ڏسي حيران…

زرعي جنسن جا اگهه ۽ آبادگارن جو احتجاج

سنڌ ۾ هونئن ته هر سال معمول مطابق ملهائيندڙ رسمون ته تمام گهڻيون آهن، پر هاڻي 2 سالن کان وٺي هڪ نئين رسم به پيدا ڪئي وئي آهي، هڪ اهڙي رسم جيڪا ڪنهن خوشي ۾ نه پر انتهائي مجبوري ڪري ٻن سالن کان ملهائجي رهي آهي، اها رسم سنڌ جا آبادگار پنهنجو…

هاڻ جيئڻ جو حق ته نه کسيو.!!

غريب ماڻهو جيئي ته آخر ڪيئن جيئي، اهو سوال هن وقت هر ماڻهو جي وات تي آ. ها واقعي اهڙي دور جنهن ۾ انسان کي هر پاسي کان سوڙهو ڪيو ويو هجي، جيئڻ جا گس تنگ ڪيا ويا هجن، وقت جي حڪمرانن پاران ماڻهن مٿان ظالماڻه فيصلا مڙهيا ويا هجن، مهانگائي چوٽ…

سنڌ جي آبادگارن سان ظلم، آخر ڪيستائين.؟

انسان جي جياپي ۽ واڌ ويجهه لاءِ زراعت جو شعبو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، ايتري اهميت رکي ٿو جو جيڪڏهن جنهن ڌرتي تي زراعت ٿيڻ بند ٿي وڃي ته اتي ڏڪار اچي ويندو آهي ۽ ڏڪار شدت اختيار ڪري وڃي ته انسانن، جانورن، پکين ۽ جيتن جون زندگيون داءَ تي لڳي…

آبادگارن جو معاشي قتلام ڇو.!!!

وسيلن سان مالامال سنڌ، اقتدار ڌڻين جي پاليسين جي نتيجي ۾ ڏينهون ڏينهن ڪنگال ٿيندي پئي وڃي، ماضيءَ ۾ سنڌ جا خوشحال ماڻهو اڄ ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهن، اقتدار تي قابض ۽ اقتدار ڌڻين جو نوازيل هڪ مخصوص ٽولو ته خوشحال ٿي رهيو آهي، پر…

استاد کي ته ماءُ، پيءُ وارو درجو مليل آهي..!!

آئون جڏهن ميهڙ لڳ ڳوٺ عيسيٰ خان ٿيٻو ۾ پنجين درجي ۾ پڙهڻ لاءِ ويو هيس ته اتي آئون استادن جي شاگردن پاران ٿيندڙ عزت ڏسي حيران ٿي ويو هيس، منهنجي عمر شايد ئي 9 يا 10 سال مس هئي، جيتري عزت شاگردن اتي جي (هيڊ ماستر) استاد محمد آچر، نواز چانڊيو…

امير سنڌ جا غريب ماڻهو

ماضيءَ ۾ مکڻ، بسريون، مڇي، پلاءَ ۽ اوفراٽا کائيندڙ سنڌ جا ماڻهو وقت جي حڪمرانن جي بيرحماڻين پاليسين جي نتيجي ۾ اڄ مون بک ۽ بدحالي واري صورتحال ۾ ڏٺا، اناج جون گنديون ۽ ڀانڊا ڀري سڄو سال آسانيءَ سان پنهنجن ٻچن جو پيٽ ڀريندڙ اهي ماڻهو اڄ غربت…

ماڪڙ سنڌ لاءِ ناسور بڻجي وئي

جون 2019 کان ٻڌوسين پئي ته سنڌ جي مختلف سرسبز علائقن کي ماڪڙ کائي چٽ ڪري آبادگارن ۽ هارين کي وڏو نقصان ڏئي رهي آهي، ڪڏهن سکر جي علائقن، ڪڏهن دادو جي علائقن، ڪڏهن عمرڪوٽ، ڪڏهن نوابشاهه ۽ ڪڏهن مٺي جي علائقن ۾ ماڻهن ماڪڙ پهچڻ ۽ ان جي نقصان جون…

هڪ ڏٻري ٻيو مڇر گهڻا

چوڻي آهي ته “هڪ ڏٻري ٻيو مڇر گهڻا” سنڌ جي مسڪين ماڻهن سان به ائين ئي ٿيو آهي، هڪ غربت ٻيو انهن کان گرهه به ڦرجي پيو. سنڌ جي پٺتي تي پيل ضلعن دادو، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شڪار جي ڪجهه دوستن جون سوشل ميڊيا تي واويلا واريون پئي پوسٽون آيون، ڏسي ۽…

قومي وحدتن سان هٿ چراند بند ٿيڻ گهرجي

دنيا جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀريل آهي ته جڏهن به ڪنهن جي قومي وحدت سان هٿ چرندا ٿي آهي ۽ ڪنهن به قوم جي ڌرتي تي ڪو وار ٿيو آهي ته اتان جي قومن پنهنجي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ کان ڪيٻايو ناهي، اها جاني قرباني هجي يا مالي پر…

برساتن باوجود به پاڻي جي کوٽ ڇو..!!!

هونئن ته سدائين سڄي سنڌ ۾ آبادگار فصلن لاءِ پاڻي ۽ شهري پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ٻاڪاريندا رهيا آهن، چار سالن کان وٺي ملڪ ۾ تمام گهٽ پيل برساتن ڪري سنڌو درياهه ۾ گهربل پاڻي نه اچڻ جي نتيجي ۾ ٿر ۽ ڪاڇي سميت ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جهڙن شهرن ۾…

ڀيڻ، ڀاءُ جو قتل ڪيس رلي ويو.!

40 ڏينهن گذري ويا، پر اڄ به قادر رند جون اهي رڙيون “رڪيءَ کي بچايو، ان کي ماريو ويندو” ڪنن ۾ گوجن ٿيون، پر افسوس ته شايد اهي بيگناهه معصومن جا موت انصاف ڏيندڙ ڌرين کان وسري ويا يا اهي وڊيو جنهن ۾ ڀيڻ جي عزت بچائڻ خاطر پنهنجي سيني تي ڇريون…

نيٺ حيدرآباد ٻڏي ويو.!

برسات ته آسمان مان وسندڙ خدا جي رحمت هوندي آهي، پر اسان وٽ انتظاميا جي نااهلي ڪري پيل برسات رحمت بدران زحمت بڻجي وئي، موسميات کاتي بار بار پئي تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي، انڊيا مان برساتن جو وڏو سلسلو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي وارننگ ڏئي ان جي اڳ ۾…

ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا

جڏهن به ڪنهن جو زوريءَ گهر ڊهڻ ۽ روزگار کسجڻ جا واقعا پيش ايندا آهن، انهن جا عام ماڻهن جي زبانن تي قصا هوندا آهن، اخبارن ۽ ٽيليويزنن ۾ اهڙيون خبرون هلڻ شروع ٿينديون آهن ته مون سدائين وڏڙن واتان اها دعا ڪندي ٻڌي آهي ته “خدا ڪنهن کي بي گهر ۽…

ڪاڇو آهي يا ڪربلا..!!

مون جڏهن سوشل ميڊيا تي پاڻي ڍڪ لاءِ تڙپي تڙپي ساهه ڏيندڙ هڪ امڙ ۽ ان جي معصوم ٻچڙي جي لاش واري تصوير ڏٺي ته مون کي هڪ دفعو وري ڪاڇي واسين جا اهي ڳوڙها ۽ درد ڀريا جملا ياد اچي ويا، جيڪي ڪاڇي واسين سان فريد آباد شهر ۾ منهنجي دوست ايڊووڪيٽ…

معصوم ٻارڙن جو قتل، ذميوار ڪير.؟؟

سياسي، سماجي طور تي شعور رکندڙ شهر حيدرآباد جي ماڻهن کي آخر ڇا ٿي ويو.؟؟ ڇا هن شهر ۾ هاڻي معصوم ٻچا به محفوظ ناهن رهيا.!! اهو سوال سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن تي بار بار پيو ڦري، مون کي به حيرانگي آهي ته جنهن شهر کي ادب، اخلاق ۽ علم جي نرسري چيو…

جاويد ميمڻ هڪ ارڏو انسان

چيو مانس سائين توهان جسماني طور تي ڪمزور ٿي رهيا آهيو، چيائين مٺا بيماري ئي اهڙي آهي، علاج پيو هلي ۽ جيئڻ خاطر پيا وس ڪريون، دعا ڪريو معصوم ٻچا آهن، بيماري کي مات ڏيان ۽ ٻچن کي وڏو ڪري وٺان، منهنجي آخري ملاقات ارڏي انسان، يارن جي يار ۽…

پاڻي کوٽ ۽ آبادگارن جون دانهون

مون کي اها ڳالهه سوچيندي پئي ڳڻتي ورايو ته جهڙي طرح هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، وقت تي فصل نٿو پوکجي سگهي، خدا نه ڪري ته اڳتي هلي سنڌ ۾ اناج جي کوٽ پيدا ٿي وڃي ۽ ڏڪار واري صورتحال ڪر کڻي، روزانو اخبارن توڙي ٽي وي چينلن تي پاڻي جي کوٽ خلاف…

امان الله انصاري جي دانهن ڪير ٻڌندو

هونئن ته روزانو حيدرآباد پريس ڪلب سامهون هر روز سوين ماڻهن جا هجوم هوندا آهن، جيڪي پنهنجي حقن لاءِ پيا دانهيندا آهن، اها اميد ڪري ته شل سندن دانهن وس وارن تائين پهچي ۽ سندن مسئلا حل ٿين، ڪن جا مسئلا حل ٿين ٿا ته ڪي مهينن جا مهينن انصاف جي…

ظالماڻن فيصلن عوام جون مرڪون کسي ڇڏيون

آئون جڏهن معمول مطابق سبزي خريد ڪرڻ لاءِ گهر کان نڪتس ته محمد قاسم به گهٽيءَ ۾ سامهون هوڪا ڏئي رهيو هو، سبزي وارو آيو، سبزي وارو آيو، اتي پهچي حيرانگيءَ جي ڳالهه، ڏٺم ته ريڙهو خالي ٿوري سڪل ۽ ڪومايل سبزي رکيل، مون جهٽ ۾ کانئس سوال ڪيو ته…

سنڌ واسين جي واهر ڪريو

ڏينهن رات تبديلي جا نعريٰ هڻندڙ پارٽي جي حڪومت جي ناڪامي سبب سنڌ سميت سڄو ملڪ هن وقت بدترين مهانگائي جي ورچڙهي ويو آهي، هيٺين طبقي جا ماڻهو ويلو ويهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ مڊل ڪلاس وارن ماڻهن جون به مهانگائي اکيون ٻاهر ڪڍي ڇڏيون آهن، ايتري…

سنڌ جي دودي کي به ناهي سنڀاليو ويو.!!

بدين کان سمنڊ لاڙ جي زمين کي تيزي سان ڳڙڪائي رهيو آهي، سمنڊي جي چاڙهه سبب بدين جي لڳ ڀڳ 40 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ اندر هلي وئي آهي، سمنڊ جي تيزيءَ سان وڌڻ ڪري ڌرتيءَ جي عظيم بهادر رکوالي ۽ غيرت جي علمبردار جو لقب…

سرسبز سنڌ تي ماڪڙ جو حملو

مهانگائي ۽ مصيبتن جي سٽيل سنڌ جي ماڻهن مٿان اوچتو هڪ نئين روپ ۾ مصيبت اچي پهتي آهي، جنهن سنڌ جي ماڻهن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، بلوچستان جي ميداني علائقن کان شروع ٿيل اها مصيبت هاڻي اچي مٽياري تائين پهتي آهي، جنهن تباهي مچائي ڇڏي آهي،…

ڪهڙن سورن تي لکجي، سڄو ڪاڇو ئي سور آ

نٽهڻ اس ۽ لڱ ساڙيندڙ گرم هوا ۾ منجهند جو 12 وڳي بائيڪ تي چڙهي هوسڙي کان جڏهن قاسم آباد ۾ آفيس پهتس ۽ سوچيم پئي ته اڄ بلاگ ڪهڙي موضوع تي لکجي، فيس بڪ کوليم ته ارمان ۽ ڏک ڀريو هڪ جملو منهنجي نظر مان گذريو، منهنجي فريد آباد جي صحافي دوست ميهر…

هتي غريب هجڻ به وڏو ڏوهه آ

مون آچر واري رات فيس بڪ پئي چيڪ ڪيو، لڳ ڀڳ 11 وڳي ڌاري اوچتو ئي هڪ پوسٽ منهنجي موبائل جي اسڪيل تي اچي وئي، پوسٽ رکڻ وارو هڪ بزرگ شخص هو، جنهن جي اردو ۾ لکيل اها پوسٽ پڙهندي ئي مون کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ اکين ۾ آيل هلڪي هلڪي ننڊ وارا خمار پکيءَ…

بيماري جي ستايل هن خاندان جو آخر ٿيندو ڇا.؟

ان وقت جڏهن آئون حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ويٺو هيس ۽ مون ٻڌيون دانهون مدد ڪريو، مدد ڪريو، نه ته ٻچن سميت پاڻ ساڙيندس، اهي دانهون هيون، هڪ اکين جي نور کان محروم ان مجبور ۽ لاچار پيءُ جون جنهن جا 3 معصور ٻار ذهني مريض ۾ مبتلا آهن ۽ سندس گهرواري…