عمران خان جي 22 جولاءِ تي ٽرمپ سان ملاقات

اسلام آباد ( م ڊ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته دائود ابراهيم پاڪستان ۾ ناهي،  ڪرتارپور ڪوريڊور بابت ڳالهين لاءِ ڀارت  کي 14 جولاءِ جي تاريخ ڏني آهي، عمران خان 22 جولاءِ تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو.  اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته قابض ڀارتي فوج ٽن هفتن ۾ 40 بيگناهه شهرين کي شهيد ڪيو، سينيئر حريت قيادت جي قيد هئڻ تي پاڪستان کي ڳڻتي آهي. هن چيو ته سينيئر حريت قيادت کي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ قيد رکيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته سرينگر جي هڪ اخبار جي ايڊيٽر کي گرفتار ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا، ڀارت عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ بند ڪري، گڏيل قومن سان سهڪار ڪندڙن تي تشدد جي خبرن تي کين ڳڻتي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪرتارپور راهداري تي ڳالهين لاءِ 14 جولاءِ جي تاريخ ڏني آهي، ڪرتارپور راهداري تي ڳالهيون واهگا سرحد تي ٿينديون، ڀارتي وزيراعظم کي دعوت ڏيڻ جي ڄاڻ ناهي، ڪرتارپور بابت هاڪاري نموني ڪم ٿي رهيو آهي.  پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته دائود ابراهيم پاڪستان ۾ ناهي، دولت مشترڪه جي اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جو امڪان ناهي.0330

You might also like