راڻا ثناءُ الله جي گاڏي ۾ منشيات جي مخبري ڪنهن ڪئي….؟ شهباز شريف نالو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو چوڻ آهي ته عمران خان مهانگائي تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ راڻا ثناءُ الله جي خلاف ڪارروائي ڪئي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته راڻا ثناءُ الله پنجاب ۾ قانون واري وزير جي حيثيت سان 10 سال ڪم ڪيو ۽ ان عرصي ۾ منشيات جي خلاف ڪارروائيون ڪيون، هن بي شمار منشيات جي اڏن خلاف آپريشن ڪرايا.

سندس چوڻ هو ته راڻا ثناءُ الله کي منشيات فروش قرار ڏيڻ جي لاءِ ڪوڙو الزام لڳايو ۽ اڄ عدالت هن کي جوڊيشل ريمارنڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

ن ليگ جي صدر چيو ته راڻا ثناءُ الله جي گاڏي مان 15 ڪلو منشيات جي موجودگي جي مخبري ڪنهن ڪئي، اُهو مخبر پاڻ عمران خان آهي.

شهباز شريف چيو ته ان مان توهان اندازو لڳايو ته پي ٽي آءِ ۽ عمران خان ڪهڙي ريت بوکلائجي ويا آهن، 11 مهينن ۾ هنن پاڪستان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته اِها بجيٽ جنهن تي مخالف ڌر آواز کنيو ته غريب دشمن، هارين، مريض، شاگرد، مزدور، بيواهه ۽ علاج  جي دشمن بجيٽ پيش ڪئي ۽ اڄ سڄي ملڪ ۾ هڙتالون ٿي رهيون آهن ۽ ڇا اِهو سڀ اسان جي ورغلائڻ تي ٿيو آهي.

شهباز شريف چيو ته ماڻهن جي لاءِ هڪ وقت جي ماني حاصل ڪرڻ  ڏکيو ٿي ويو آهي، انهن جي زندگي تنگ ٿي چڪي آهي، عمران خان انهن سڀني شين تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ راڻا ثناءُ الله جي خلاف ڪارروائي ڪئي آهي ۽ ان سان هو ادارن کي به بدنام ڪرڻ چاهي ٿو.

ن ليگ جي اڳواڻ چيو ته اڄ سڄي قوم ان مهانگائي ۽ بدحالي جو شڪار آهي، پريشان آهي اسان پاڪستان جي عوام سان گڏ، غريب ۽ هارين سان گڏ بيٺل آهيون. جن کي نواز شريف جي دور ۾ بي پناهه سهولتون مليون.

هن چيو ته اڄ مسلم ليگ ن جي خلاف وار ان ڪري پيا ڪيا وڃن جو اسان هارين سان گڏ بيٺل آهيون، اسان هنن کي ڪنهن صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين.

شهباز شريف چيو ته اهي سازشون پهرين به آزمايون ويون، عمران خان اڄ انهن سازشن سان مهانگائي ۽ غربت ختم ڪري ته اسان سڀ جيل ۾ وڃڻ جي لاءِ تيار آهيون.

مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته هي سمجهن ٿا ته اسان جو آواز دٻائي سگهجي ٿو، اسان جا حوصلا ڪمزور ٿي سگهن ٿا ته اِها توهان جي وڏي غلط فهمي آهي.

هن چيو ته 3 ڀيرا وزير اعظم، پاڪستان ۾ سي پيڪ، ايٽمي توانائي کي منطقي انجام تائين پهچائيندڙ نواز شريف کي اڄ جيل ۾ دوائن، پرهيزي کاڌي ۽ ڊاڪٽر ڏيڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي، عمران خان ذاتي طور تي نواز شريف جي ڊاڪٽر کي روڪڻ جي هدايت ڪئي.

شاهد خاقان عباسي:

اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته راڻا ثناءُ الله جي خلاف بدترين رياستي دهشتگردي ڪئي وئي.

هن چيو ته ڪالهه سوا 3 وڳي راڻا ثناءُ الله موٽر وي جي ٽول پلازه پار ڪئي، راوي جي پل کان پوءِ اي اين ايف جي ڪجهه اهلڪارن کيس روڪيو ته ڪجهه تلخي ٿي ۽ 2 اهلڪار سندس گاڏي ۾ ويهي رهيا ۽ هن کي ايئرپورٽ جي ڀرسان ٿاڻي ۾ کڻي آيا.

هن چيو ته ان دوران ڪا به شئي هٿ نه آئي، ڪا ڳالهه نٿي هئي، ڪجهه ٻڌايو نه ويو ۽ رات جو دير سان ٻڌايو ويو ته توهان کان اسان سامان هٿ ڪيو آهي جنهن بابت انوکي داستان پرچي ۾لکيل آهي ته گاڏي ۾ 21 ڪلو منشيات هئي ۽ ٻاهر اچي 15 ڪلو ٿي وئي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته راڻا ثناءُ الله جي سياسي جدوجهد لاهور جي لقعي کان وٺي اڄ اي اين ايف جي ٿاڻي تائين آهي ۽ ان جو بدترين دشمن به هن تي منشيات جو الزام قبول نه ڪندو.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته حڪومت ان حد تائين پهچي وئي آهي جو عوام تي بار وڌو ويو آهي، معيشت کي تباهه ڪيو ۽ غريب ماڻهو جي زندگي ڏکي بڻائي ان تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ سازشون ڪري رهيو آهي.

You might also like