عمران فاروق قتل ڪيس جو ٽرائل روڪيو ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران فاروق قتل ڪيس جي عدالتي ڪارروائي تي منع نامي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ منع نامي جو حڪم جاري ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

اٽارني جنرل انور منصور ذاتي حيثيت ۾، جڏهن ته ايف آءِ اي جو اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر خواجا امتياز ۽ برطانوي هاءِ ڪميشن جا نمائندا به عدالت ۾ پيش ٿيا.

اٽارني جنرل چيو ته ايف آءِ اي ٽرائل ڪورٽ کان برطانيا ۾ شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ ٻن مهينن جو وقت گهريو هو پر ٽرائل ڪورٽ درخواست رد ڪري ڇڏي.

درخواست گذار طرفان چيو ويو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايف آءِ اي جي درخواست 30 مئي تي رد ڪئي هئي، 30 مئي جو ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايف آءِ اي کان 20 جون تائين حتمي دليل طلب ڪيا آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران فاروق قتل ڪيس جو ٽرائل روڪندي منع نامي جو حڪم ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.