آءِ ايم ايف پاڪستان کي 6 ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن(م ڊ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ 6 ارب ڊالر جي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي، پئڪيج جي منظوري آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڏني وئي ،پاڪستان کي فوري طور هڪ ارب ڊالر ملندا،ترجمان جيري رائس چيو آهي ته قرض پاڪستان جي اقتصادي پلان جي مدد لاءِ ڏنو ويندو، قرض سان پاڪستان جي معيشت جي تسلسل  سان ترقي بحال ٿيندي، ترجمان چيو ته قرض سان پاڪستان ۾ زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، واضح رهي ته ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ آءِ ايم ايف سان ڳالهين کانپوءِ 12 مئي تي اعلان ڪيو هو ته پاڪستان کي 3 سالن دوران 6 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض ملندو جنهن سان ملڪ ۾ معاشي سڌارا ڪيا ويندا،آءِ ايم ايف 3 سالن ۾ رقم ادا ڪندي، هلندڙ مالي سال پاڪستان کي 2 ارب ڊالر قرض ملندو، ذريعن مطابق پاڪستان بجلي ۽ گيس قيمتن ۾ اضافي سميت اسٽاف ليول ڳالهين ۾ طئي ٿيل اڳواٽ شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، خرچن ۾ گهٽتائي ۽ بجيٽ ۾ آمدني وڌائڻ لاءِقدم طرف به اڳڀرائي ٿي آهي، ڪيترن ئي شعبن ۾ ٽيڪس رعايتون ختم ۽ سڌارن لاءِ اهم قدم کنيا پيا وڃن، هوڏانهن ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته آءِ ايم ايف پئڪيج جي منظوري سان هاڻي معيشت ۾ استحڪام نظر ايندو، سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو ۽ مقامي سيڙپڪارن جو به اعتماد بحال ٿيندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.