ڇا آءِ ايم ايف خان کان انتقام ورتو

زلف پيرزادو

ملڪ جي وزيراعظم عمران خان اليڪشن دوران وڏي واڪ اعلان ڪيو هو ته اقتدار ۾ اچي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ بدران خودڪشيءَ کي اوليت ڏيندو اهو به فرمايو هو ته جڏهن به بجلي ۽ گئس مهانگي ٿئي ته سمجهو وزيراعظم ڪرپٽ ۽ چور آهي. اڪيچار اهڙا اعلان ٻيا به ڪيا هئا.

عملي طور عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڇا ٿيو آهي ۽ ڇا ٿي رهيو آهي، ان بابت عوام جون رڳو دانهون ۽ آهون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن. مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. گهڻو وقت ئي نه گذريو ته عمران خان آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تيل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ڇڏيو. هينئر مسڪين ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال آهي ۽ پورهيت طبقو هڪ ويلي لاءِ پريشان آهي. ڇاڪاڻ ته مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي جڏهن ته پورهيت جي اجرت ساڳي آهي.

هوڏانهن آءِ ايم ايف عمران خان کان انتقام وٺندي پنهنجا انتهائي ڳرا شرط مڃرائڻ لاءِ حفيظ شيخ کي ناڻي جو صلاحڪار مقرر ڪرائي ان ذريعي سمورا ڳرا شرط مڃرائي ورتا آهن.

معاشي ماهرن موجب جن شرطن تي آءِ ايم ايف کان 6 ارب ڊالر قرض ورتو ويو آهي. ان سان اڃا مهانگائيءَ جو طوفان اچڻ وارو آهي. ڇو ته آءِ ايم ايف عمران خان کان انتقام ورتو آهي. جنهن جي سزا ملڪ جو مسڪين عوام ڀوڳيندو. معاشي ماهرن جو خيال آهي ته آءِ ايم ايف انتهائي ڳرا شرط رکيا آهن جيڪي اڃا عوام ۽ ميڊيا کان ڳجها رکيا ويا آهن. جڏهن آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل شروع ٿيندو تڏهن عوام جا دوڏا نڪري ايندا.

سياسي نا تجرباڪاري ۽ مختلف شعبن جي ماهرن جي ٽيم نه هجڻ ڪري عمران خان کي آءِ ايم ايف ته لڳي ٿو ته هيرو مان زيرو ڪري ڇڏيندي. ڇاڪاڻ ته اڳ ئي آيل مهانگائي ۽ اعلانن جي ابتڙ عملن پي ٽي آءِ جي ساک کي تمام گهڻي حد تائين عوامي سطح تي ڪيرائي ڇڏيو آهي. مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جي ستايل ماڻهن اهو پئي سمجهيو ته عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ سان ملڪ ۾ ڪا وڏي تبديلي اچي وييندي. بيروزگارن کي روزگار ملندو، بي گهر ماڻهن کي اجهو ملندو پر هينئر تائين جيڪو به ٿيو آهي اهو اعلانن جي ابتڙ ئي ٿيو آهي. ڪهڙي خبر ته خود عمران خان پاڻ به پريشان هجي، ڇو ته ڪو به گورنر هائوس نه ڊٿو نه ئي يونيورسٽي ٺهي وزيراعظم هائوس ۾ نه وڃڻ وارو خان وزيراعظم هائوس ۾ ويٺو آهي. اڃا تائين هڪ به بيروزگار کي روزگار نه مليو آهي. ڪنهن هڪ به مسڪين کي گهر نه مليو آهي.

مهانگائيءَ جي آيل طوفان ۽ ايندڙ طوفان جي اڳڪٿيءَ مان عوام ڇا سمجهي بقول خان جي ته جيڪڏهن بجلي گئس مهانگي ٿئي ته سمجهو ته وزيراعظم ڪرپٽ ۽ چور آهي.

صورتحال اهڙي ڳنڀير ٿي وئي آهي جو جيڪڏهن مخالف ڌر متحد ٿي ڪا سگهاري عوامي تحريڪ هلائي ته شايد تبديلي اڻ ٽر ٿي ويندي ڇاڪاڻ ته عوامي سطح تي ته تبديليءَ جو ماحول جڙي رهيو آهي. ان جو فائدو حاصل ڪرڻ جي گهرج آهي. هاڻي ته سوشل ميڊيا تي به اها مهم شروع ٿي چڪي آهي ته نئون پاڪستان نه گهرجي، اسان کي پراڻو پاڪستان ئي موٽائي ڏيو.

مستقبل ۾ حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪن ٿيون شايد هاڻي ان ۾ گهڻي دير نه لڳندي ڇو ته آءِ ايم ايف جيڪو عمران خان کان پلاند ورتو آهي. ان جا نتيجا اچڻ ۾ هاڻي گهڻي دير نه آهي.

You might also like