مسجدن جا امام ۽ خطيب ميدان تي اچي ويا….!

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ مسجد جي امامن، خطيبن ۽ مفتين پنهنجن حقن جي حوالي سان شرعي پڌرائي جاري ڪندي ايندڙ بجيٽ ۾ مسجد جي امام ۽ خطيب جي گھٽ ۾ گھٽ پگھار 25 هزار رپيا مقرر ڪئي وڃي.

 پنجاب ۾ مسجد جي امام، خطيب ۽ موذن به مطالبا کڻي ميدان ۾ اچي ويا، امام خطيب ۽ مفتي پنهنجي حقن بابت شرعي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي.

شرعي پڌرائي ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ مسجد جي امام ۽ خطيب جي گھٽ ۾ گھٽ پگھار 25 هزار رپيا مقرر ڪئي وڃي، موذن جي گھٽ ۾ گھٽ پگھار 20 هزار جڏهن ته خادم جي پگھار 18 هزار رپيا مقرر ڪئي وڃي.

حڪومت امام، خطيب ۽ موذن کي هن جي قابليت موجب گريڊ 12 کان 20 تائين پگھار، مراعتون ڏنيون وڃن. ڪي پي ڪي ۾ 30 هزار مسجدن جي طرز تي ٻين صوبن ۾ به وظيفا ڏنا وڃن.

حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جڏهن پهريون خليفو ٿيو ته توهان جو وظيفو مقرر ڪيو ويو. حڪومت غير سرڪاري مسجدن جي انتظاميا کي خطيب ۽ موذن جي پگھار مقرر ڪرڻ جي پابند ڪري.

مولانا ضياءُالحق نقشبندي چيو ته امام، خطيب ۽ موذن 24 ڪلاڪ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن پر هنن کي 8 کان 15 رپين تائين پگھار ڏني ويندي آهي.

You might also like