امام الحق ٻن ڏينهن ۾ ئي فخر زمان کان رڪارڊ کسي ورتو

 

برسٽل (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين امام الحق انگلينڊ خلاف ٽين ون ڊي ميچ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ سان نئون رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. برسٽل ۾ کيڏيل ميچ ۾ امام الحق ٻه وڪيٽون تڪڙي ڪرڻ کانپوءِ شاندار راند جو مظاهرو ڪندي بهترين سينچري اسڪور ڪئي. هن 151 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ ان سان گڏ ئي هن جوڙيدار فخر زمان جو رڪارڊ ٽوڙي ورتو، جيڪو هن انگلينڊ خلاف 138 رنسن جي اننگز کيڏي ماڻيو هو. امام الحق انگلينڊ خلاف ڪنهن به ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان طرفان افرادي طور سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ بيٽسمين بڻجي ويو آهي.

You might also like