اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گستاخ مواد جي حوالي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد جي حوالي سان انٽرا ڪورٽ اپيل تي فيصلو اچي ويو، ڊويزن بئنچ 20 مئي تي انٽرا ڪورٽ اپيل تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد جي حوالي سان انٽرا ڪورٽ اپيل تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي کي گستاخ مواد ۾ ملوث ماڻهن جو پتو لڳائڻ جو حڪم ڏنو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر جو فيصلو 4 صفحن تي ٻڌل آهي، سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد بابت عدالت اڳ ئي گڏيل فيصلو جاري ڪري چڪي آهي.

هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سلمان شاهد ڪيس ۾ حڪم ڏئي چڪا آهيون، ڌريون قدم کڻن، سوشل ميڊيا تي ڪنهن به قسم جو گستاخ مواد ڪنهن به صورت ۾ اپ لوڊ نه ٿئي.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گستاخ مواد اپ لوڊ ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي جي ذميواري آهي.

عدالت حڪم ڏنو ته گستاخ مواد ۾ ملوث ماڻهن خلاف هنگامي بنيادن تي ڪارروائي ڪئي وڃي، ان سان گڏوگڏ هدايت ڪئي وئي ته رجسٽرار آفيس پٽيشنز سان گڏ لاڳاپيل مواد پبلڪ رڪارڊ جو حصو نه بڻائي.

You might also like