علي ظفر ۽ ميشا شفيع جي ڪيس ۾ اداڪارا عفت عمر جو به بيان رڪارڊ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر طرفان ڳائڻيءَ ميشا شفيع خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس ۾ اداڪارا عفت عمر به بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو.

لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ ايڊيشنل سيشن جج امجد علي شاهه ميشا شفيع خلاف علي ظفر طرفان ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت ٻين شاهدن جو رڪارڊ قلم بند ڪيو.

ان موقعي تي ميشا شفيع جو وڪيل ثاقب جيلاني، علي ظفر جو وڪيل حشام احمد خان ۽ بئريسٽر عبرين به عدالتي ڪمري ۾ موجود هئي.

ٻڌڻي دوران اداڪارا عفت عمر پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته پروفيشنل اداڪارا آهن، ٽي وي پروگرام جي ڊائريڪٽر به آهيان ۽ مان ان شعبي ۾ گذريل 30 سالن کان آهيان، مان علي ظفر ۽ ميشا شفيع ٻنهي کي سڃاڻيندي آهيان، علي ظفر جو پيءُ منهنجو استاد به هو، جڏهن ته ميشا ۽ سندس ماءُ جي هن پيشي ۾ تمام گهڻي عزت آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته علي ظفر ماڊلنگ شروع ڪندي ئي مون سان رابطو ڪيو ۽ منهن سان گڏ ئي ٽي وي جو پهريون پلي ڪيو.

عدالت اداڪارا جو بيان قلمبند ڪرڻ کانپوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.