ورلڊ ڪپ جي اهم مقابلي ۾ آسٽريليا جي پاڪستان خلاف بيٽنگ جاري

ٽائونٽن ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ ۽ ويلز ۾ جاري ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي 17 هين ميچ ۾ آسٽريليا جي پاڪستان خلاف بيٽنگ جاري آهي.

 

ٽائونٽن جي ڪائونٽي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ چيو ته پچ تي گاهه ۽ گهم جو فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

 

آسٽريليا طرفان ڪپتان ايرون فنچ ۽ ڊيوڊ وارنر اننگز جي شروعات ڪئي.

 

پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ ۽ آسٽريلوي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، اسپنر شاداب خان جي جاءِ تي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي گرين شرٽس ۾ شامل آهي، جڏهن ته انجري جو شڪار ٿيندڙ مارڪس اسٽوئنس ۽ ايڊم زمپا جي جاءِ تي شان مارش ۽ ڪين رچرڊسن کي يارنهن رڪني آسٽريليوي ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.

 

پاڪستان ٽيم امام الحق، فخر زمان، بابر اعظم، محمد حفيظ، سرفراز احمد ( ڪپتان/وڪيٽ ڪيپر ) شعيب ملڪ، آصف علي، وهاب رياض، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي ۽ محمد عامر تي ٻڌل آهي.

 

آسٽريليو ٽيم ۾ ڊيوڊ وارنر، ايرون فنچ ( ڪپتان ) عثمان خواجه، اسٽيون اسمٿ، شان مارش، گلين ميڪسويل، اليڪس ڪيري ( وڪيٽ ڪيپر ) نيٿن ڪولٽرنائل، پيٽ ڪيومنس، مچل اسٽارڪ ۽ ڪين رچرڊسن شامل آهن.

 

پوائنٽ ٽيبل آسٽريلوي ٽيم چئن پوائنٽن سان چوٿين جڏهن ته پاڪستان ٽن پوائنٽن سان اٺين نمبر تي موجود آهي.

You might also like