ڪيليفورنيا ۾ 5 سيٽن واري جديد جهاز جي نمائش

ڪيليوفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ پنج سيٽن وارو جديد جهاز نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

 

ان جهاز کي ماهرن جديد طرز تي تيار ڪيو آهي، اسڪاءِ نالي ايئر ڪرافٽ ۾ پنج سيٽون آهن جڏهن ته هڪ مني وين جيتري گنجائش اٿس.

 

پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته آمريڪي ڪمپني هائيڊروجن سان هلندڙ پنهنجي نوعيت جو پهرين ايئرڪرافٽ تيار ڪري ورتو آهي.

 

ميڊيا رپورٽن موجب ڪيليفورنيا ۾ خانگي ڪمپني هائيڊروجن ايئرڪرافٽ جي ماڊل جي نمائش ڪئي وئي، اسڪاءِ نالي ايئرڪرافٽ ۾ پنج سيٽون جڏهن ته ان ۾ هڪ مني وين جيتري گنجائش آهي.

 

فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن طرفان سرٽيفڪٽ ملڻ کان پوءِ ايئرڪرافٽ 2021ع ۾ وڪرو لاءِ دستياب هوندو.