حيدرآبادي مرچ

شيون

گيهه: 1 پيالي

ساوا مرچ: اڌ ڪلو وڏا وارا

ڪڙي پتو: 6 پتا

ڪچا بصر :ٽي عدد پيسيل

گرامڙي: اڌ پاءُ

هيڊ: اڌ چمچو

لوڻ: ضرورت موجب

ثابت ڳاڙها مرچ:  6 عدد

ڪلونجي: اڌ چمچو

خشخش: 2 وڏا چمچا

ناريل: 1 ننڍو ٽڪڙو

مڱيرا:  2 وڏا چمچا

ترڪيب:سڀني شين کي تئي تي  تريو ۽ پيسي ڇڏيو. ڪڙاهي ۾ گيهه گرم ڪري ساوا مرچ وجهي ڇڏيو، جڏهن مرچ فرائي ٿي وڃن ته پليٽ ۾ ڪڍي ان ئي گيهه ۾ پيسيل ڪچا بصر، ٿوم ۽ ادرڪ وجهي تَريو.  هيڊ، تريل ساوا مرچ، پيسيل مصالحو، لوڻ ۽ گدامڙي جي رس ٺاهي ڪجهه دير ڀُڃو ۽ هُرٻو به وجهي ڇڏيو. هلڪي باهه تي پچايو.

You might also like